اسين اقليتن جي تحفظ ۾ ناڪام وياسين، ترقي پسند پاڪستان لاءِڪم ڪرڻ گهرجي:مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  چيو آهي ته بابري مسجد کي ڊاھڻ وارو انتھا پسندي تي ٻڌل فيصلو ڏنو ھو، اسان کي انتھا پسندن  کي پوئتي ڌڪڻو پوندو، اسان سڀني کي  جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ اقليتي حقن بابت صوبائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير مقبول باقر چيو ته  باني پاڪستان ملڪ جي الڳ قيام کان اڳ ئي سڀني کي اقليتن کي گڏ کڻي ھلڻ جو درس ڏنو ھو، اسان کي سندس فرمان 11 آگسٽ 1947 ع واري تقرير تي عمل ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ به احمدين جي پنهنجي عقيدي تي عمل ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ جي حق کي مڃيو آهي، اسين اڪثر غير مسلم شهرين جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون،سپريم ڪورٽ جي جوڙيل ون مين ڪميشن جو سربراھ شعيب سڊل چيو ته ھڪ قومي نصاب جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي ته انھي مان نفرت انگيز مواد ڪڍيو ويو آھي جيڪو سٺو قدم آھي، هن چيو ته  سپريم ڪورٽ به سوشل ميڊيا تي نفرت وارو مواد ھٽائڻ جي لاءِ چيو آھي پر انھي ۾ ھڪ اشو آھي، پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ تحت پوليس کي انھي مان آئوٽ ڪري رڳو سوشل ميڊيا ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي وئي، ان تي ڪافي ڳالهيون ٿيون آھن پر ڪو حتمي فيصلو اڃا ناھي ٿيو. هن چيو ته اقليتن جي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ الڳ پوليس مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، انفارميشن کاتي جي نگران وزير احمد شاهه چيو ته منارٽي ڪميشن لاءِ اسان وٽ 100 سيڪڙو فنڊ موجود آهن، سنڌ صوبي انھي ون مين ڪميشن ۽ جسٽس تصدق جي فيصلي جي روشني ۾ جيڪي ڪم ڪيا آھن اھي ٻين صوبن ناھن ڪيا.هن چيو ته شادين، صحت، مذهبي عبادت گاهن جا پئسا پيا آهن، غير مسلم شاگردن کي اسڪالرشپس  ھڪ سال کان نٿي ڏني وئي اسان اخبار ۾ اشتھار ڏينداسين، مونکي اقليتي لفظ کان به نفرت آھي اسين سڀ ھڪ آھيون، اسانکي سڀني کي گڏ ويھارڻو پوندو. هن چيو ته  پنهنجي دماغ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، ھتي مسلمان ڪنڊي مين ڀرتي ٿيل آھن،  منارٽي جي ڪوٽا پنج سيڪڙو تي ڀرتيون نٿيون ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.