آصف زرداري لاهور پهچي ويو، مرڪزي اڳواڻ طلب

لاهور (م ڊ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري لاهور پهچي ويو، آصف علي زرداري خاص جهاز ۾ اسلام آباد کان لاهور پهتو، آصف زرداري لاهور ۾ 2 ڏينهن ترسندو ۽ هن پارٽي جي مرڪزي قيادت  کي به لاهور گهرائي ورتو آهي، آصف زرداري ۽ پارٽي اڳواڻن ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ چونڊ سرگرمين جو جائزو ورتو ويندو، آصف زرداري اين اي 127 ۾ بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم جو به جائزو وٺندو.

  • طورخم سرحد 10 ڏينهن کان پوءِ واپار لاءِ کولي وئي

پشاور (م ڊ) طورخم بارڊر کي 10 ڏينهن کان پوءِ واپاري سرگرمين جي لاءِ کوليو ويو آهي جنهن کان پوءِ افغانستان مان ڪارگو گاڏيون پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان ڊرائيورز کي سفري دستاويزات  ٺهرائڻ جي لاءِ 31 مارچ تائين مهلت ڏني وئي آهي. پهرين اپريل کان بنا سفري دستاويزن جي ڪارگو گاڏين جي پاڪستان ۾ داخلا بند هوندي. ڪسٽم ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته طورخم بارڊر کولڻ جو فيصلو پشاور ۾ افغان قونصلر جنرل ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ طئي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.