ڪراچي ۾ حاجي ابراهيم پنهور ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڪورنگي جي علائقي مھراڻ ٽائون ڀرسان حاجي ابراھيم پنھور ڳوٺ ۾ انڪروچمنٽ پوليس ۽ ڪي ڊي اي جي آفيسرن جو غير قانوني حد دخليلن ۽ قبضا مافيا جي خلاف آپريشن ڪيو ويو ته اڻڄاتل ھٿياربندن انڪروچمنٽ پوليس ۽ ضلعي پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 سالن جو نوجوان محبوب لکھنو پٽ لکھانو قتل ٿي  ويو ۽ حيدر ولد محمد رمضان ۽ سليم ولد رمضان زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي واري هنڌ تان مقتول جو لاش ۽ زخمين کي ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪري واقعي واري هنڌ تان شاھديون گڏ ڪري  واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته مڇريل ماڻھن پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙيا ۽ واٽر ڪينن تي پٿراءُ ۽ پوليس موبائلن کي باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس موجب عوام جي پٿراءُ جي سبب ايس ايڇ او ڪورنگي جي موبائل جا شيشا به ٽٽي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.