چونڊن جي حوالي سان افواهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ)  نگران سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي،  پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي کان تقريبن 24 اجازت نامن جون درخواستون پراسيس ۾ آهن، ميڊيا جي مختلف ادارن طرفان ڪل 177 درخواستون مليون آهن، غير صحافي ڪيٽيگري ۾ رڳو  برطانيا مان 25 درخواستون پراسس ۾ آهن، مبصرن ۽ پرڏيهي صحافين کي 49 ويزائون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته 32 درخواستن تي ويزا ڏيڻ جو عمل جاري آهي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته روس طرفان 8، جاپان مان 13 درخواستون پراسس ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.