ٺٽي مان ٻن لکن ۾ ٻارڙي خريد ڪري ڪراچي آڻڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) ٺٽي مان ٻن لکن ۾ ٻارڙي خريد ڪري ڪراچي آڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،  تازن ڄاول ٻارن جي اغوا الزام ۾ کارادر مان  گرفتار ڪيل عورت کان جاچ جو عمل جاري آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هُن ان ٻارڙي کي ٺٽي مان 2 لک رپين ۾ خريد ڪيو هو ۽ ان کي ڪراچي وڪرو ڪرڻ جي لاءِ کڻي آئي هئي، جڏهن ته پوليس عورت کي ان کان اڳ ئي گرفتار ڪري ورتو ۽ رمانڊ ختم ٿيڻ بعد عورت کي جيل منتقل ڪيو ويو آهي، ٻارڙي جي وارثن جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ تازن ڄاول ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ عورت کي هڪ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هڪ ٻارڙي کي هٿ ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.