ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻوي ۽ اڳوڻي ايم اين اي ۽ قومي تڪ اين اي 212 ميرپورخاص ٽو تي پ پ اميدوار مير منور علي ٽالپر جي ڀائٽي مير سيف علي ٽالپر پنهنجي ڪٽنب سان ڳوٺ ڪوٽ ميرس لانڍي ويندي ٽي ڏينهن اڳ ميرپورخاص ميرواھ روڊ تي لال ڪاٽن فيڪٽري وٽ سندس ڪار کي ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربندن پاران روڪڻ جي ڪوشش دوران مير سيف علي پاران ڪار نه روڪڻ تي هٿياربندن پاران سندن گاڏي فائرنگ ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار ٽنڊوالهيار جي سي آءِ اي پوليس جا عملدار ۽ اهلڪار نڪتا، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ چيو ته فيملي سان گڏ ڳوٺ ويندڙ مير سيف علي ٽالپر جي گاڏي تي فائرنگ ڪرڻ وارو واقعو هاءِ پروفائل ڪيس بڻجي ويو آھي ان ڪيس ۾ ميرپورخاص پوليس جي ڪاڪردگي تي آڱريون به کڄي رهيون هيون اسان ان معاملي تي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪرڻ سان گڏ هر پهلو کي نظر ۾ رکي جاچ شروع ڪئي جنهن ۾ حقيقتون سامهون آيون آھن ته واقعي ۾ ٽنڊوالهيار جي سي آئي اي پوليس انسپيڪٽر افضل مگسي ۽ سندس ٽيم جا اهلڪار آھن جن خلاف ميرواه گورچاڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري رهيا آھيون جيڪڏھن ان واقعي ۾ ميرپورخاص پوليس جي ڪوتاهي يا ملوث ھجڻ جا ثبوت سامهون اچن ها ته انهن خلاف به اهڙي سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ها.