ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو صحت واري وزير خالد نياز صحت واري سيڪريٽري کان ناراض ٿي ويو، صحت واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري صحت ۽ منهنجو گڏ ڪم ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، صوبائي وزير اليڪشن وڏي وزير ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري وٽ شڪايت ڏئي ڇڏي، پنهنجي شڪايت ۾ ڊاڪٽر سعد چيو ته نه هيلٿ سيڪريٽري ڪم ڪيو نه ئي ڪرڻ ڏئي ٿو. هيلٿ سيڪريٽري مون کي بائي پاس ڪيو، ڊاڪٽر سعد چيو ته مسئلو جي ڊي سي سان ناهي، طريقي سان آهي، شيون پهريان ڊپارٽمينٽ کان هيلٿ سيڪريٽري وٽ وينديون. پوءِ وزير وٽ وينديون ۽ ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ٿينديون، صحت واري وزير چيو ته منهنجا اختيار گهٽايا ويندا، ائين ممڪن ناهي، ڊاڪٽر سعد نياز چيو ته 10 سالن لاءِ هر سال 2،2 ارب روپين جي منظوري نگران حڪومت جو مينڊيٽ ناهي، انڊس کان علاوه ڪنهن فلاحي اداري فارنسڪ آڊٽ جمع ناهي ڪرائي، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائر مقبول باقر ۽ صحت واري وزير جي وچ ۾ فلاحي اداري کي گرانٽ ڏيڻ تي نئون جهيڙو شروع ٿي ويو آهي، صحت واري سيڪريٽري فلاحي اداري کي ساليانو 22 ارب روپين جي گرانٽ ڏيڻ جو پلانٽ جوڙيو هو، جنهن کي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز ناڪام بڻائي ڇڏيو هو، هي پلان 10 سالن لاءِ هو، هر سال 2 ارب 27 ڪروڙ جي گرانٽ ڏيڻي هئي،