لاهور(م ڊ) لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پنهنجي تڪ اين اي 130 ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران سندس ڌيءَ مريم نواز به ساڻس گڏ هئي. نواز شريف ۽ مريم نواز جي ريلي ٽيڪسالي چوڪ کان شروع ٿي. پي پي 174 جي اميدوار بلال ياسين ۽ ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو. نواز شريف ۽ مريم نواز گاڏين مان نڪري موهنيءَ روڊ ۽ ٻين هنڌن ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو. ريلي جڏهن بيڪري چوڪ، آرين بلڊنگ ۽ رحمان روڊ کان ٿيندي ڪريم پارڪ پهتي ته ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود هو، جن پنهنجي گاڏين سان ڀرپور انداز ۾ مارچ ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وٺڻ کانسواءِ جواب ڏنو. بهاولپور جي علائقي احمد پور شرقيه ۾ ن ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪالهه هڪ مهربان ماڻهو چيو ته ڪوٽ ادو ۾ اسان ڪا اسپتال ناهي ٺاهي. هن چيو ته مان هتي جي ماڻهن کان پڇان ٿو ته ڪوٽ ادو ۾ رجب طيب اردگان اسپتال ڪنهن ٺاهي؟ ن ليگ صدر وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي موقعو ڏنو ته ڏکڻ پنجاب جي هر تعلقي ۾ دانش اسڪول ٺاهيندو. هن چيو ته نواز شريف هن ڀيري ٻه ڀيرا چونڊون کٽي عوام جي خدمت ڪندو، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي ته احمد پور شرقيه کي ضلعو بڻائيندو.