اسلام آباد (م ڊ) نگران وفاقي ڪابينا عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي فراهمي لاءِ پاڪ فوج جي خدمتن جي حوالي سان سمري ڪابينا کي موڪلي هئي. ڪابينا گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي، ان تحت ٻه لک 77 هزار پاڪ فوج جا آفيسر ۽ اهلڪار چونڊن ۾ مقرر هوندا، گڏوگڏ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار به عام چونڊن ۾ مقرر هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج ۽ سول آرمڊ فورسز حساس تڪن ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور فرض انجام ڏيندي. وفاقي ڪابينا ايف بي آر ۾ سڌارن جي به منظوري ڏني، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي وئي، بين الوزارتي ڪميٽي جي سربراهي ناڻي جي نگران وزير شمشاد اختر ڪندي. اجلاس ۾ بجلي نه ڏيندڙن جا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۽ ان جي تجديد نه ڪرڻ جي سفارش رد ڪئي وئي. ان کان علاوه ڊفالٽرن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ ۽ بئنڪ اڪائونٽ نه کولڻ جي سفارش به رد ڪئي وئي آهي.