اسلام آباد(م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي وئي آهي ته ايڇ آر سي پي جبري گمشدگين خلاف عورتن جي قيادت ۾ جاري بلوچ ڪئمپ سان ايڪتا ۾ بيٺي آهي، جن کي مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مسلسل هراسان ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومتي اختيارين پاران برطرفي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسان کي ڪئمپ کي پاڙان پٽڻ جي ڪوششن تي به سخت ڳڻتي آهي، اهو نه رڳو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم جي ڀڃڪڙي آهي ته ڪئمپ کي بناروڪ ٽوڪ رکيو وڃي بلڪه مظاهرين جي پرامن طريقي سان جمع ٿيڻ جيحق جي به ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، بلوچ مظاهرين جي مطالبن جي صداقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ان تي عمل ٿيڻ گهرجي جنهن جا اهي حقدار آهن،طاقت ۽ تذليل جو رستو اختيار نه ڪيو وڃي.