اسان کي پنهنجن روين ۽ عادتن کي تبديل ڪرڻو پوندو

تحرير: ذوالفقار واھوچو

اسان سنڌي هڪ وڏيري کي ڇڏي ٻئي سردار کي وڃي ٿا چنبڙي پئون، اسان جي انهن کانسواءِ سري ئي نٿي ان ڪري اسان کي اليڪشن ۾ متبادل نظر نٿو اچي، اسان جي شعوري اک جو لينس خراب آهي، ضمير تي زنگ چڙهيل آهي، اسان صدين کان انهن پيرن، ميرن، سردارن، مولوين، ڀوتارن جا هيريل آهيون، عادي ٿي ويا آهيون. ان عادت جي خاتمي جو علاج  نئين نسل ۾ سماجي، سياسي، فڪري تبديلي آهي جڏهن اها اچي، هن نئين دور ۾ هڪ ڳالھه سٺي ٿي آهي ته انهن ڀوتارن کان نئين نسل سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن، ڀلي اهي سوال ٿوري انگ ۾ ڪيا  پيا وڃن، پر انهن جي شروعات ٿي چڪي آهي، ان ۾ هوريان هوريان. اضافو ٿيندو ويندو،  رڳو عوام دوست سياست ڪندڙ وچولي ۽ هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ سياسي ڌريون ثابت قدم رهن، پنهنجي قول ۽ فعل کي صاف شفاف رکن. جدوجهد تان ويساھ ختم نه ڪن، پنهنجي قوت، علم. شعور، سمجھ کي وڌائيندا رهن، نون حالتن کي نظر ۾ رکندي، پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻيندا رهن، نيئن نسل جي تربيت جو جوڳو بندوبست ڪن، هن ٽيڪنالوجي کي درست انداز ۾ استعمال ڪن ته ان جا نتيجا درست رخ ۾ نڪرندا.

هاڻ هٿرادو ذهانت جو دور آهي، تمام وڏا ڪمال ٿي رهيا آهن، هاڻ ماڻهوءَ جي جاءِ تي مشين جاءِ والاري رهي آهي، ڪم تمام آسان ۽ سولا ٿي پيا آهن. ڏينهن جا ڪم منٽن ۾ ٿين پيا مهينن جا ڪم ڏينهن ۾ پيا ٿين، سالن جا ڪم  هفتن ۾ پيا ٿين، بنا هاري جي سوين ايڪڙ زمين مشين پئي کيڙي، هر شيءَ ڪنٽرول شيڊ ۾ تيار پئي ٿي، پوءِ اهو گوشت هجي يا سبزي، اڳ مڇي سئوين ايڪڙ ڍنڍ ۾ تيار ٿيندي هئي، پوءِ اها ايڪڙن جي تلائن ۾ تيار ٿيڻ لڳي، هاڻ بائيو فلاڪ فشنگ ٽينڪن ۾ تيار پئي ٿي، لکين ڪڪڙ هڪ شيڊ ۾ تيار پيا ٿين، انهن جي دوا، پاڻي ۽ خوراڪ  سب اٽو ميٽڪ سسٽم تي آهي، سينسر لڳل آهن، سردي، گرمي ۽ بيماري جي وقت سر خبر پئجي وڃي ٿي، ساڳيو طريقو زراعت، باغباني ۽ صنعتن ۾ اچي ويو آهي، اتي به جديد مشينري ۽ سينسر لڳائي ڪم کي آسان بڻايو ويو آهي، ان سان ماڻهن جي ڪم ۾ ملوث هجڻ وارو انگ گهٽ ٿي ويو آهي، متبادل طريقا اچي ويا آهن، ته پوءِ سياست ۾ به نواڻ اچڻ گهرجي جنهن سان جلد ۽ پائيدار نتيجا حاصل ٿي سگهن.ان لاءِ اسان سڀن کي خاص ڪري سياسي ڌرين کي پاڻ کي جديد علمن سان هٿيار بند ڪرڻو  پوندو.

هاڻ جنگين جا طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، طاقتور ۽ اڳتي وڌيل ملڪ ڪمزور ملڪن ۽ دشمن ملڪن کي زميني فوج جا لشڪر موڪل  زير ڪرڻ بدران هاڻ برساتون، ٻوڏون، زلزلا، بيماريون موڪلي اتي هٿ راڌو ڏڪار پيدا ڪري لکين ڪروڙين ماڻهن جو زندگيون ڳڙڪائي وڃن ٿا وري انهن کي چند ڪروڙ يا ارب رپيا امداد موڪلي انهن جا مسيحا بڻجي وڃن ٿا، انهن ملڪن کي خبر ئي نٿي پوي ته اها دشمني هنن سان قدرت ڪئي يا انهن امداد موڪليندڙ ملڪن ڪئي، جيئن اسان 2022 ۾ برساتي تباهي کي منهن ڏنو 20لک گهر تباهه ٿيا، ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو درپدر ٿيا، سئوين مرد، عورتون، ٻارڙا ۽ ٻارڙيون اجل جو شڪار بڻيا،لکين جانور مري ويا، اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو وڏين طاقتن پنهنجي معشيت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ جا ڪارخانا لڳايا، ٻيون صنعتون لڳايون، جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ وڌي، اوزون کي نقصان رسيو، گرمي پد ۾ اضافو ٿيو، جنهن سڄي دنيا اندر موسمياتي تبديلي آندي ان جو اسان سنڌ ۽ پاڪستان وارا  شڪار بڻاسين، اڄ تائين اسان جا لکين ماڻهو ٻيهر اجھا اڏي نه سگهيا آهن، گرمي سردي، مينهن ۽ طوفانن ۾ کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن، هاڻ اهي ئي ملڪ اسان کي امداد ۾ خوراڪ. خيما. دوائون موڪلي احسان پيا ڪن جن جي ڪري اسان هن تباهي جو شڪار ٿيا آهيون. انهيءَ موسمياتي تبديلي، دنيا اندر ڏڪار ۽ ٻوڏن کي هٿي ڏني آهي، ان سان گڏ بيمارين ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو هر سال فطري موت کان اڳ مري وڃن ٿا.

ان مان اندازو لڳايو ته انسانن جي نسل ڪشي پئي ٿئي پر پوءِ به سڄي دنيا ۾ ان عمل خلاف اهو سگهارو آواز اڀري نه سگهيو آهي نه ئي ماڻهن ان عمل کي انهن طاقتور ملڪن جي انسان دشمن پاليسي سمجهن ٿا. جڏهن ته موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي رڳو اسان انسانن کي نه پر جهنگلي جيوت. پکين، جانورن، ٻوٽن سميت هر شيءِ کي شديد متاثر ڪيو آهي، هاڻ ته زمين مٿي يا اندر پاڻي به گدلاڻ جو شڪار بڻجي چڪو آهي، اهو سڀ انهن طاقتور ملڪن جي معشيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سڄي دنيا تي پنهنجو غلبو قائم رکڻ واري هٻڇ جو نتيجو آهي، هن وقت  زمين، سمنڊ، درياھ ڍنڍون ۽ فضا سڀ گدلاڻ جو شڪار آهن، چون ٿا ته ايندڙ سالن ۾ جيڪڏهن 1.5 ڊگري گرمي پد وڌو ته سمنڊ ڪناري جيڪي به شهر آهن اهي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا اندر جيڪي به گليشيئر آهن انهن ۾ تيزي سان ڳار جاري آهي، برساتون شديد پئجي رهيون آهن تنهن ڪري سمنڊ ۾ چاڙھ اچي رهيو آهي، اهي ڪروڙين ماڻهو ان تباهي جو شڪار ٿيندا، هي دنيا هڪ طرف اسان جي هٻڇ، لالچ ۽ ترقي جي تيز رفتار ڊوڙ سبب تباهي طرف ٻئي وڌي ته ٻئي طرف انسان زمين کان ڪروڙين ڪلوميٽر ڏور فڪليات ۾ نوان سيارا دريافت ڪري اتي انساني زندگي کي محفوظ ڪرڻ جا جتن پيو ڪري.

ان سڄي مٿين صورتحال کي نظر ۾ رکي اسان سنڌين کي پنهنجي ڪردار جو تعين ڪرڻو پوندو ته اسان ڪهڙي جاءِ تي بيٺل آهيون، اسان جو مستقبل ڇا ٿيندو. اسان ڪيئن پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنداسين، اسان انسان هجڻ ناتي هن سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهيون. اسان کي ان دنيا سان گڏ هلڻو آهي ته اسان ان دنيا کي نين حالتن ۾ پنهنجي پتي ڪهڙي ڏينداسين، سائنس ۾. علم ۾، شعور ۾ اسان جو حصو ڪهڙو هوندو، ڪيترو هوندو، ڇا اسان جا تعليمي ادارا ان سطح جا آهن، اسان وٽ ڏاهپ جي آبياري ٿئي پئي يا نه، اسان هن وقت ڪهڙي جاءِ تي بيٺل آهيون، اڳتي ڪيئن ۽ ڪيترو وڌي سگهون ٿا، اسان جي رفتار ڪيئن تيز ٿيندي ان تي اسان جا  جيڪي ڏاها آهن اهي ان بابت ڇا سوچي رهيا آهن.

اصل شيءِ اها آهي جيڪا اسان جي مستقبل جو تعين ڪندي، تنهن ڪري نوجوان نسل کي علم سان، سمجهھ سان، شعور سان، سائنس، ٽيڪنالاجي سان، هنر سان، تحيقيق سان هٿيار بند  ٿيڻو پوندو، وسيلا نه هجڻ باوجود هٿ پير هڻي، بکون ڪاٽي دنيا سان گڏ هلڻو پوندو، دنيا مان سکڻو پوندو، پنهنجن روين ۾ مثبت تبديلي آڻي، دنيا کان اڳتي وڌڻ جي هرطرح جي مدد وٺڻي پوندي ۽ ان کي يقين ڏيارڻ پوندو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، اسان به اوهان جا ساٿي انسان آهيون، اسان جي هزارين ورهن جي تاريخ اها گواهي ڏي ٿي ته اسان انسان ذات کي اهنجايون ناهي، اسان بنا هٿيارن جي رهيا آهيون، اسان پاڙيسرين کي ڦريو لٽيو ناهي، ماريو ناهي، انهن کي غلام ناھي بڻايو.

اسان تاريخي طور پر امن انسان آهيون ۽ سڄي جڳ جي بي واجبين، حملن، لٽ مار ۽ قتل غار تري جو شڪار رهيا آهيون، هن وقت به اسان پر امن آهيون، تنهن ڪري دنيا جي اڳتي وڌيل ملڪن تي اها ذميواري آهي ته اسان جي سائنسي علم، ٽيڪنالوجي، هنري علمن ۽ شعوري اوسر ۾  اسان سان سهڪار ڪيو وڃي، اهو سڀ تڏهن ٿيندو جڏهن اسان جون سياسي ڌريون عملي طور تي سڄي جڳ سان لک پڙھ ڪنديون، انهن سان رابطا ڪنديون، پنهنجي ضرورت بابت آگاھ ڪنديون.

هيءَ دنيا انهن ماڻهن لاءِ جنت آهي جيڪي جنت جا طالبو هوندا آهن،جيڪي ان لاءِ جستجو ڪن ٿا، هي دور يا ايندڙ دور ڪنهن به جاڳاڙي کي اڳتي وڃڻ جو موقعو ڪون ڏيندو ڇاڪاڻ ته انسان جي بدران مشين ڪم ڪندڙ هوندي، جنهن ۾ غلطي ۽ رحم دلي جي ڪا به گنجائش نه هوندي، هر فرد، ۽ قوم کي هڪ  ٻئي سان گڏ هلڻ لاءِ سهڪار ڪرڻو پوندو، ان لاءِ هڪ قدم اسان کي اڳتي وڃڻو پوندو، اسان کي تيز رفتاري سان پنهنجي موجوده روين  کي تبديل ڪرڻو پوندو.

اسان سنڌي هڪ وڏيري کي ڇڏي ٻئي سردار کي وڃي ٿا چنبڙي پئون، اسان جي انهن کانسواءِ سري ئي نٿي ان ڪري اسان کي اليڪشن ۾ متبادل نظر نٿو اچي، اسان جي شعوري اک جو لينس خراب آهي، ضمير تي زنگ چڙهيل آهي، اسان صدين کان انهن پيرن، ميرن، سردارن، مولوين، ڀوتارن جا هيريل آهيون، عادي ٿي ويا آهيون. ان عادت جي خاتمي جو علاج  نئين نسل ۾ سماجي، سياسي، فڪري تبديلي آهي جڏهن اها اچي، هن نئين دور ۾ هڪ ڳالھه سٺي ٿي آهي ته انهن ڀوتارن کان نئين نسل سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.