ڪراچي جي شاگرد سياست کي ٻن حصن ۾ ورھائي سگهجي ٿو. پهريون دور جيڪو 1946ع کان1950ع تائين آھي، ۽ ٻيون دور ورھاڱي کان ھن وقت تائين.
ڪراچي جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آھي، ھتي پٿر جي دور جا به آثار ملن ٿا پر ان سان گڏوگڏ يونانين جي ڪاھ جي خبر نيئرڪس ۽ ٻين محققن جي سفر نامن مان ملي ٿي.
خير پاڻ اھو ڏسنداسين ته 20 صدي تائين ايندي ڪراچي جي ڪهڙي حالت ھئي، ڇو ته ڪنهن به شهر جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن جو اثر ان وقت جي شاگرد سياست تي به ضرور پوندو آھي. سنڌ ۾ ڪراچي کي سڀ کان پهرين انگريزن پنهنجي قبضي ھيٺ آندو، ڇو ته سمنڊ ھجڻ جي ڪري ان شهر جي اھميت وڌيڪ ھئي.
نيٺ انگريزن جي دور ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ٺھيا. ۽ ڏسندي ڏسندي ڪراچي جو شمار دنيا جي خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿيڻ لڳو.
1905ع کان پهريان به ڪاليجن ۾ شاگرد يونين ھوندي ھئي پر انهن ڪنهن قسم جي مزاحمت نه ڏيکاري، قومي ڪارڪنن جي سالگره يا مذھبي ماڻهن جا ڏينهن ۽ گهڻو ڪري علم ۽ ادبي سرگرمين کي وقت ڏيندا ھئا.
آخرڪار 1927ع ۾ "ڪراچي وديارٿي سماگم” جي ٺھڻ سان اھي اڳتي وڌيا ۽ شاگردن جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ لڳا.انهن وقت ھڙتالون ۽ ڌرڻا معمول ٿي ويا.
جيستائين شاگردن جي ايجنڊا کي نه مڃيو ويندو ھو، تيسين تائين اھي سراپا احتجاج ھوندا ھئا
پر انهن به مذھبي ۽ قومي اڳواڻن جي سالگره ملهائڻ جو عمل جاري رکيو ۽ ڪنهن ۾ قسم جي سياسي تربيت نه ڪئي، ان وقت جو متحرڪ شاگرد اڳواڻ ديو ناٿاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو؛ "وديارٿي سماگم جي شاگردن جو گهڻو ڌيان قومي ۽ مذھبي اڳواڻن جي سالگره ملهائڻ ھو.
ڪراچي شاگرد سياست سان گڏوگڏ برصغير جي سياسي معاملن تي نظر وجهڻ سان اسان کي وڌيڪ سياست سمجھ ايندي، ان وقت نهرو قومي آزادي جي ڳالھه ڪئي ۽ مهاتما گانڌي ڊانڊي مارچ ڪڍيو ۽ ٻئي طرف ڀڳت سنگھه کي ڦاسي ڏني وئي، تنهن وقت به ڪراچي جا شاگرد روڊن تي نڪري آيا، نيٺ انهن تي تمام وڏي سختي ٿي، گهڻا جيل ته گهڻا خاموش ٿي ويا ۽ آخرڪار ڪراچي وديارٿي سماگم کي غير قانوني قرار ڏنو ويو.
آخرڪار ڪراچي شاگرد سياست جي ھيرو حشو کي ميدان تي اچڻو پيو ۽ ھن نئي سر شاگردن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ مايوسي واري ڪيفيت کي ختم ڪيو، ۽ ھڪڙي ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته ھي شخص مارڪس جي خيال جو ماڻهو ھو ان ڪري ھن انهن سڀني مفاد پرست سياستدانن جي مخالفت ڪئي، جيڪي حقيقي آزادي جي راھه ۾ رڪاوٽ ھئا.
ھشو ڪراچي جي شاگردن کي گڏ ڪري "ڪراچي شاگرد يونين” جو بنياد رکيو. پر اھا ڳالھه ان وقت جي اڳواڻن کي نه وڻي تنهن ڪري انهن حشو ۽ سندس ساٿين کي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل موڪلي ڇڏيو. بقول ديو ناٿاڻي جي” انهن حشو ڪيولرامائي، پريتم ٽھلرامائي ۽ سنتوش ڪمار ڌرماڻي کي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري، حشو کي 18 مهينن تائين جيل جي شيخن جي پويان بند ڪيو. مطلب ته مڪمل شاگردن جي ھلچل تي پابندي مڙھي وئي.
ھڪڙي اھم ڳالھه ته شاگردياڻيون به پوئتي نه ٿيون ۽ شاگردياڻين جي سيڪشن جو به قيام ٿيو ان جو مطلب اھو آھي ته حشو جي جيل وڃڻ ۽ شاگردن تي وحشياڻي لاٺي چارج جي باوجود به اھي سرگرم رھيا.
پوءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين شاگردن انهي تسلسل کي برقرار رکيو، جيڪو حشو شروع ڪيو، نيٺ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تي به گرفتاري جو وارنٽ نڪري ويو پر اهو انڊر گرائونڊ ٿي ويو.
ھاڻي تاريخ ۾ اھو ڏسڻ جي ضرورت آھي ته ڪراچي جي شاگرد سياست ڪهڙا نتيجا ڏنا؟ ڪراچي جا شاگرد ھاڻ ٿيندڙ شاگردن سياست کان وڌيڪ متحده ھئا، انهن ماضي ۾ سمورن شاگردن کي قومي ۽ مارڪسوادي شعور ھيٺ گڏ ڪيو ھو، ۽ ڪراچي ۾ تاريخي مارچ ڪڍيا، جنهن سان ان وقت جي انگريز سرڪار ۽ جڙتو بيروڪريسي کي جهڪائي ڇڏيو ھو.
ٻئي اھم جڙت اھا ھئي ته انهن سموري سنڌ جي شاگردن کي ” سنڌ پراونيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ذريعي پاڻ ۾ گنڍيو. جنهن سان ھندو مسلم ڀائيچاري کي ھٿي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ عام شاگردن کي ترقي پسند ادب پڙھڻ لاءِ ڏنيو ويو، جنهن سان شاگردن جي شعوري تربيت ٿي ۽ شاگرد وڌيڪ متحرڪ ٿيا.
انهن مجموعي طور تي ھاسٽل، فيسن ۽ انگريزن جي ناانصافي طوري شهري معاملن ۾ پنهنجو سهڪار ڪيو.
شروع ۾ ڪراچي جي شاگردن ڪانگريس جي سياسي اڳواڻن جي ڀر ۾ بيهي ڪم ڪيو، انهن گانڌي جينتي به ملهائي پر پوءِ اھي حشو ۽ ٻين ترقي پسند ڪامريڊن جي اچڻ سان سنڌ ۾ ٿيندڙ وڏيرڪي سياست کي ننديائون۽ انهن تي به تنقيد ڪئي. آخرڪار انهن ڪانگريس کان به پاسو ڪري پنهنجي قوم جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو سوچيو.
انهن شاگردن ان باھه کي به وسائڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو، جيڪا حالت مندر منزل گاه واري واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ ٿي. اھا ڳالھه تاريخ ۾ ڏيو ناٿاڻي به لکي آھي، جنهن سان خبر پوي ٿي ته انھن شاگردن سنڌ جي مستقبل لاءِ ڪيڏو ڪم ڪيو.
ڪراچي جي شاگردن تنهن وقت ۾ به اھا ڳالھه به سمجهي ته” شاگرد تنظيم ڪنهن به سياسي پارٽي کان آزاد رھي ۽ روز بروز پنهنجي پاليسي ٺاھي” جيڪو يقينن منهنجي خيال ۾ ھن وقت به ڪارائتو آھي، اڄ جي شاگردن کي به خودمختيار ھجڻ گهرجي، جيئن ھو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهن ۽ ڪنهن جي ماتحت ٿي ڪم نه ڪن..