ڇا نواز شريف مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ ٿو گهري!

تحرير: زرار پيرزادو

¨ فياض الحسن چوهاڻ جيڪو پهريون پي ٽي آءِ ۾ هو ۽ هاڻي تحريڪ استحڪام پارٽي ۾ شامل  ٿيو آهي تنهن ٽيون ڏينهن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف ڪجهه ڏينهن کان پارٽي گڏجاڻين ۾ مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

¨ اهڙو اظهار نواز شريف پهريون ڀيرو  ٽيون ڏينهن واري مانسره جي جلسي ۾ پاڻ به ڪيو ته مان وزرياعظم ٿيڻ لاءِ  نه پر چونڊون وڙهڻ آيو آهيان. اهو اظهار به ڄڻ ته فياض الحسن جي راءِ جي تصديق ڪري ٿو.

¨ جيڪڏهن هن موقعي تي واقعي به نواز شريف اهڙو فيصلو ڪري ٿو ته ان سان ممڪن آهي ته مسلم ليگ(ن) کي چونڊن ۾ ڌڪ رسي ۽ پارٽي چونڊن جي موقعي تي اختلافن جو شڪار ٿي وڃي.

¨ مريم نواز تي هونئن به ڪافي وقت کان پارٽي اندر اختلاف آهن. مريم نواز ڪري ئي شاهد خاقان عباسي جهڙا سينئر پارٽي اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا آهن. شهباز شريف لاءِ به مريم نواز کي وزيراعظم طور قبولڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.

¨ مريم نواز جو شخصي مزاج به چون ٿا ته آمراڻو هوندو آهي. ان ۾ پارٽي اڳواڻن کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت ناهي. وزارت عظميٰ جي عهدي کي ته ڇڏيو پر پارٽي اڳواڻ پنجاب جي وڏ وزارت تي به کيس قبولڻ لاءِ تيار ناهن.

¨ مريم نواز تي اسٽيبلشمينٽ کي به اعتراض ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته مسلم ليگ کي چونڊن جي موقعي تي اختلافن جي ور چاڙهي ان جي پوزيشن خاص ڪري پنجاب ۾ خراب ڪري پ پ کي فائدو پهچايو وڃي.

¨ مسلم ليگ جي ان امڪاني اندورني ڦڏي ۽ تحريڪ انصاف، تحريڪ استحڪام پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق جا ووٽ پوءِ ورهائجي سگهن ٿا. جنهن جو فائدو  پ پ کي ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اها پنجاب ۾ محنت ڪري .

¨ بظاهر اهو تاثر قائم ٿيل آهي ته ايندڙ حڪومت مسلم ليگ(ن) جي هوندي ۽ چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزريراعظم نواز شريف ئي ٿيندو پر لازمي ناهي ته جيڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ئي ٿئي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ  پاڻ سياستدانن کي هڪ رستو ڏيکاري وقت تي پاڻ ڦري ويندي آهي سو ممڪن آهي ته مريم نواز جو پارٽي اندر  وزارت عظميٰ جو پتو اڇلائي، اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ جا ترا ڪڍي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.