ميرپورخاص لڳ واپاري جي قتل ۾ سڳو ڀاءُ ۽ ويجهو مائٽ ملوث نڪتا، ثبوت هٿ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ سومر واري رات پاٽويون جي رهواسي چوپائي مال جي واپاري ربڏنو خاصخيلي کي تشدد بعد قتل ڪري اگهاڙي حالت ۾ کڏ کوٽي زمين ۾ پورڻ واري واقعي جو ڊراپ سين  سامهون آيو آهي. قتل ٿي ويل واپاري جو سڳو ڀاءُ ۽ ويجهو مائٽ قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. کاڻ ٿاڻي جي پوليس جي پوسٽ پاٽويون جي انچارج محمد جمن مري صحافين کي ٻڌايو ته قتل ٿيل واپاري ربڏنو جي قتل جي شروعاتي جاچ دوران واپاري جي قتل ۾ سندس  سڳو  ڀاءُ ۽ ويجهو مائٽ ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون آيا آهن. پوليس موجب جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن نشاندهي تي مقتول جا زمين ۾ پوريل ڪپڙا به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته قتل ڪيس ۾ ملوث سهولتڪار به گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن موجب قتل جو  سبب ڀائرن وچ ۾ گهريلو تڪرار ۽ جائداد جو مسئلو آهي ٻئي پاسي فوتي کي گذريل ڏينهن سندن اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، پوليس موجب قتل ٿيل واپاري جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پهتا آھن. وارثن جي پهچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.