ججن خلاف مهم:500 کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف مهم هلائيندڙ سوشل ميڊيا جي 5 سئو کان وڌيڪ اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي وئي،  اڪائونٽس ملڪ جي اندر توڙي ٻاهران هلايا ويا سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 13 جنوري جي فيصلي کانپوءِ عدليه ۽ ججز خلاف ڪريل قسم جي مهم هلائي وئي،هن چيو ته عدليه خلاف مهم هلائيندڙ پنهنجين حرڪتن کان مڙي وڃن، عدليه خلاف مهم هلائيندڙ سوين اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن،ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر آپريشنز  چيو ته عدليه خلاف مهم هلائيندڙ ملڪ ۾ هجن يا پرڏيهه ۾ هنن خلاف پيڪا قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي اڪائونٽس جي نگراني ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به ملڪي سلامتي کي داءَ تي لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين،پي ٽي اي عهديدار چيو ته عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ضروري آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.