ڪراچي (رپورٽر) گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ جو دورو ڪري ڪمشنر ڪراچي ۽ چيئرمين کان ڪراچي جي شاگردن جي فيل ٿيڻ بابت معاملي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته مان صوبي جي هر مظلوم سان گڏ بيٺو آهيان. هن چيو ته ڪراچي جا 66 سيڪڙو ٻار فيل ڪيا ويا آهن، اهو تعليمي نظام جي قابليت تي سوال آهي.هن چيو ته ڪراچي جا ٻار پريشان آهن، اچي ڪري ميٽنگ ڪئي آهيهن چيو ته ميٽرڪ ۾ 80 سيڪڙو نمبر حاصل ڪندڙ ڏهن ٻارن جون ڪاپيون چيڪ ڪيون وينديون،گورنر سنڌ چيو ته رڳو 769 ٻارن اسڪروٽني لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪي ٻار اسڪروٽني جي فيس ادا نه ٿا ڪري سگهن۔ انهن جي فيس مان ادا ڪندس