اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ۾ صحافين جي داخل ٿيڻ جي حوالي سان رجسٽرار سپريم ڪورٽ نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن مطابق سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ وڊيو، يوٽيوب پروگرام رڪارڊ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي، سومر تي جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو ته صحافي رڳو ميڊيا هائوسز جا ڪارڊ ڏيکاري سپريم ڪورٽ انٽري گيٽ تان داخل ٿي سگهن ٿا، سپريم ڪورٽ جي عمايت ۾ وڊيو ٺاهڻ يا يوٽيوب وڊيو ٺاهڻ جي اجازت ناهي،چيو ويو ته ڪنهن خاص ڪيس جي ٻڌڻي تي ڪورٽ روم ۾ هر ميڊيا هائوس جي رڳو هڪ رپورٽر کي وڃڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته ٻين رپورٽن لاءِ ڪنهن ٻئي ڪورٽ روم ۾ آڊيو لنگ فراهم ڪيو ويندو.