نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد بلوچ مظاهرين کي اٿارڻ لاءِ پوليس کي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي تي نشنل پريس ڪلب آباد پاران درخواست ڏني وئي آهي ته گذريل ٻن مهينن کان بلوچ  مظاهرين ۽ روز روز روڊ رستا بند ٿيڻ سبب ڪلب جا ميمبر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سيڪيورٽي سببن جي ڪري هتي پروگرام ۽ پريس ڪانفرنسز به نه پيون ٿين. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ بلوچن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن پريس ڪلب سميت رهواسين ۽ واپاري براداري جون ڏکيائيون ختم ٿي سگهن. درخواست تي رد عمل ۾  ايڇ آر سي پي جي ڪو چيئرپرسن ۽ صحافي منيزي جهانگير چيو ته  ٻڌايو پيو وڃي ته اها درخواست پريس ڪلب پاران واپس ورتي پئي وڃي جنهن ۾ هنن بلوچ احتجاج ڪندڙن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. اهو سٺو سنئوڻ آهي ڇو ته جيڪڏهن عوام پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري پنهنجو جمهوري حق استعمال نه ڪندو ته پوءِ ڪٿي ڪندو. سينئر صحافي حامد مير پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيوته هڪ ڏينهن اڳ نيشنل پريس ڪلب ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي دفاع لاءِ ميڊيا جي تنظيمن جو اتحاد قائم ڪيو ويو هو ۽ اڄ بلوچ عورتن ۽ ٻارن خلاف درخواست داخل ڏني وئي، ان درخواست سان صحافين جي اتحاد ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن.ٻئي پاسي  بلوچ قومپرست اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ ٽوئٽ ڪندي چيو ته صحافين جي يونين، صحافين ۽ ميڊيا تنظيمن جو هر جڳهه تي اهو فرض آهي ته اهي انهن سان گڏ هجن جن جي آواز کي نظرانداز ڪيو وڃي. اهو ڏسي افسوس ٿيو ته اسلام آباد پريس ڪلب جبري گمشدگين خلاف ڪلب ٻاهران احتجاج ڪرڻ تي راضي ناهي. اسان سمجهون ٿا ته اهي ائين ڇو ٿي رهيو آهي. اسان تي به دٻاءُ آهي، اسان کي مختلف ذريعن کان تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پوليس غلط ڄاڻ پکيڙي رهي آهي. صحافين کي اسان وٽ اچڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته پريس ڪلب جي چوڌاري خطرو آهي. اڄ 2 وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪنداسين ۽ توهان کي ايندڙ حڪمت عملي بابت ڄاڻ ڏينداسين، مھرباني ڪري پنھنجي موجودگي کي يقيني بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.