اسلام آباد ۾ جبري گمشدگين خلاف 59هين ڏينهن به ڌرڻو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو بلوچ نسل ڪشي ۽ جبري گمشدگين خلاف 59هين ڏينهن بلوچ يڪجهتي  ڪميٽي جو ڌرڻو جاري آهي، مظلوم قومن جي عالمي ڪانفرنس ۾ بلوچ، پشتون،سنڌي اڳواڻن سان گڏ ٻين سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،لاپتا ماڻهن جي وارثن پنهنجي پيارن جي گمشدگين دوران پنهنجي زندگي جي باري ۾ تفصيل فراهم ڪيا ۽ جبري گمشدگين جي حوالي سان هڪ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي بلوچ وومين فورم جي شلي بلوچ، وائس فار شيعا مسنگ پرسنز جي راشد رضوي، وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي ماما قدير بلوچ، هيومن رائٽس ڊفينس آف پاڪستان جي آمنه مسعود جنجوعا، انساني حقن جي ڪارڪن سارنگ جويو،پي ٽي ايم جي زبير شاهه آغا،پروفيسر ندا ڪرماڻي ۽ صحافي منيزي جهانگير خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.