اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي رپورٽ موجب پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو بار ايندڙ ڪجهه سالن تائين جاري رهندو، پاڪستان کي ايندڙ 3 سالن ۾ 71 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت پوندي. پاڪستاني معيشت بابت آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 18.5 سيڪڙو جي شرح تي رهڻ جو امڪان آهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 25.9 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي.آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ فوري طور ختم نه ٿيندو، پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ ڪجهه سالن تائين برقرار رهندو، پاڪستان کي ايندڙ 3 سالن ۾ 71 ارب 88 ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيهي فنڊنگ جي ضرورت آهي. رڳو موجوده مالي سال لاءِ 24.96 بلين ڊالر گهربل آهن. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون تائين سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ واڌ نه ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۾ 61 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪندي، اوگرا گئس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪندو، گيس جي اگهن ۾ اڌ سال واڌ بروقت ڪئي ويندي.