راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته اسان کي سليڪٽڊ چيو ويو پر هتي ته هاڻي مدر آف آل سليڪٽڊ ٿي رهيو آهي.اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ عمران خان ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو اسان کي ساڍن ٽن سالن تائين سليڪٽڊ چيو ويو پر جهڙي طرح نواز شريف کي آندو ويو هتي ته هاڻي مدر آف آل سليڪشن ٿي رهي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙي اليڪشن ڪڏهن ناهي ٿي، هڪ سر ٽيفيائيڊ مني لانڊرز جا سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا.هن چيو ته نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن به ان ڏوهاري جا مددگار بڻيل آهن، سي سي پي او لاهور ته سرٽيفيائڊ ڏوهاري کي سليوٽ ڪري رهيو آهي، هو اسان کي غلام بڻائي رهيا آهن.عمران خان چيو ته جمهوريت جو مطلب غلامي نامنظور ۽ آزادي آهي، اسان جي مهم قانون جي حڪمراني لاءِ آهي ۽ قانون جي حڪمراني به آزادي جي ضمانت ڏئي ٿي، پر هي چور ڪڏهن به هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جو مان مٿانهون ٿيڻ نه ڏيندا، هن چيو ته الڪيشن ڪميشن ۽ انتظاميا نواز شريف جي مدد ڪري رهيا آهن، نواز شريف جا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا، نواز شريف جي پٽ 18 ارب روپين ۾ گهر وڪرو ڪيو، هي پئسا ڪٿان آيا،