نفرت ۽ ورهاست لاءِ ڀلي شينهن کي ووٽ ڏيو، اسان وٽ گارگند جي سياست ناهي: بلاول

ساهيوال (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏيو ته ملڪ ۽ عوام جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندس، اسان جي منشور ۾ گارگند ۽ نفرت جي سياست ناهي، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جيڪڏهن نفرت ۽ ورهاست جي سياست چاهي ته پوءِ ڀلي شينهن کي ووٽ ڏئي پر جيڪڏهن اهي ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ نئين قيادت سامهون آڻڻ چاهين ٿا ته تير تي ٺپو هڻن. هن چيو ته ملڪ ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، اسان کانسواءِ ٻيون جماعتون نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيون آهن، مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اڻپورو مشن پورو ڪندس، ان لاءِ توهان جي ساٿ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته مان نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهيان، اسان کي اقتدار مليو ته 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪندي سڀني جا مسئلا حل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.