راولپنڊي(م ڊ) سپرينٽنڊنٽ اڊيالا جيل پي ٽي آءِ باني کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم ڪاوڙ ڪئي، جيل جي سپرينٽنڊنٽ چيو ته ميڊيا هتي ٻڌڻي جي ڪوريج لاءِ اچي ٿي، سياسي ڳالهه ٻولهه لاءِ نه، عمران خان جواب ڏنو ته هي اوپن ٽرائل آهي، ميڊيا سان ڳالهائڻ اسان جو حق آهي، اوهان نٿا روڪي سگهو، اسان کي غلام بڻايو پيو وڃي. هيءَ اليڪشن آزادي جي اليڪشن آهي، جمهوريت جو مطلب ئي آزادي هوندو آهي. عمران خان چيو ته اسان جي سموري جدوجهد قانوني بالادستي لاءِ آهي، پر هي ڪڏهن به ملڪ ۾ قانون جي بالا دستي ٿيڻ نه ڏيندا، جنهن کان پوءِ اڊيالا جيل جي سپرينٽنڊنٽ، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جيل ميڊيا کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني ويندي ويندي چيوته سڀني ڪارڪنن کي پيغام ڏيان ٿو ته هن آچر تي رستن تي نڪري اچو.