جيل سپرنٽنڊنٽ ڪورٽ روم ۾ عمران خان سان بدتميزي ڪئي: عليمه خان

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني جي ڀيڻ عليمه خان پنهنجي ڀاءُ سان جيل سپرينٽنڊنٽ جي بدتميزي جو انڪشاف ڪيو آهي،  سائفر  ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ اڊيالا جيل ٻاهران عليمه خان چيو ته جيل سپرينٽنڊنٽ ڪورٽ روم ۾ پي ٽي آءِ باني سان  بدتميزي ڪئي. هن چيو ته پڇڻ تي سپرينٽنڊنٽ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني ان کي  تون چئي مخاطب ڪيو، عليمه خان چيو ته هي آفيسر پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ بدتيمزي ڪن ٿا ته عام ماڻهن سان ڇا ٿيندو هوندو، عليمه خان چيوته سپريم ڪورٽ ۾ ٽن هفتن کان درخواست لڳل آهي، چيف جسٽس اسان جي پٽيشن ٻڌي ته جيئن پي ٽي آءِ باني اليڪشن وڙهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.