سنڌ ۾ چونڊن دوران امن امان لاءِ 36 ارب رپيا منظور، پينشن لاءِ 36 ارب مختص

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا ملازمن جي پينشن جي مد ۾ 36 ارب روپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي، چونڊن دوران امن امان لاءِ 62 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.سنڌ ڪابينا عام چونڊن  لاءِ خرچ،  پينشن، ڪووڊ لاءِ ڪم ڪندڙ عملي لاءِ رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ، پينشن ۽ گريجوئيٽي بقايا، ڪووڊ-19 جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي پگهارن لاءِ 24.3 جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، ناڻي واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي ڏکائين سبب پينشن جي ادائگي لاءِ مختص بجيٽ محدود آهي نگران وڏي وزير رٽائرڊ ملازمن جون شڪايتون ڏسندي کين حل لاءِ ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هر ضلعي ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪري. کليل ڪچهرين دوران گهڻيون شڪايتون ريٽائرمينٽ کانپوءِ معاوضو، گريجوئيٽي ۽ ايل پي آر ادائيگين لاءِ ڊگهي انتظار سان لاڳاپيل هيون. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 19537 رٽائرڊ سرڪاري ملازم 36.942 ارب رپيا بقايا وٺڻ ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺل آهن جن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن جا 11657 ملازم 30.11.2023 تي رٽائرمينٽ کانپوءِ 11657 ملازم 30.568 ارب رپين جي معاوضي لاءِ، 7147 رٽائرڊ ملازمن جي گريجوئٽي لاءِ 0.973 ارب رپيا ۽ 5.5301 ارب رپيا ايل پي آر جا شامل آهن. وڏي وزير پاران 36.842 ارب رپين جي پوسٽ ريٽائرمينٽ فائدن جي موجوده بيڪ لاگ جي ڏس ۾ ايل پي آر بدران پينشن، گريجوئيٽي ۽ ليو انڪيشمينٽ جي ڪموٽڊ ويليو جي ادائيگي لاءِ 21.558 ارب رپين جي منظوري ڏني جنهن ۾ 0.973 ارب رپيا گريجوئيٽي تحت 100 سيڪڙو بقايا، ايل پي آر تحت التوا هيٺ 100 سيڪڙو 5.301 ارب رپيا ۽ 50 سيڪڙو ڪميوٽيشن تحت 15.284 ارب رپيا بقايا شامل آهن. سنڌ جي پينشنرن کي رليف ڏيڻ لاءِ شايد اهو قدم مختص بجيٽ کان ٻاهر ڏنو وڃي. ڪورونا وائرس-ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملي جون پگهارون: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته COVID-19 جي وبائي مرض دوران ڊاڪٽرز، اسٽاف نرسز، پيرا ميڊيڪل، ماهر ۽ سپورٽ اسٽاف جون خدمتون 2020ع ۾ 89 ڏينهن لاءِ ”سروس رينڊرڊ بيسز“ تي رکيون ويون آهن. صحت کاتي ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملي جي خدمتن ۾ وقت بوقت جون 2023 تائين واڌ ڪئي. ڪابينا COVID-19 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جي ڀرتي جي مدي ۾ جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪابينا 1054 ٽيڪنيڪل ۽ سپورٽنگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 4502 ماهر ۽ مددگار انساني وسيلن جي سي وي سيز جي منظوري ڏني جن جي خدمتن ۾ پهرين اپريل 2023 کان جون 2024 تائين واڌ نه ڪئي وئي آهي جنهن جي پابندي سان حاضري جي تصديق واري شرطن تحت ڪيس تي واڌ ڪئي وئي آهي. ڪابينا 24-2023ع دوران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 4.06 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. عام چونڊن لاءِ خرچ: گهرو کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته پوليس ايندڙ عام چونڊن دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ گهربل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ 625.467 ملين رپين جا اضافي فنڊ ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. گهربل فنڊ سمورن پوليس رينجز، ٽريفڪ پوليس ۽ آءِ جي پوليس آفيس لاءِ آهن. گهربل فنڊن جي ورڇ ۾ فيڊنگ چارجز لاءِ 210.284 ملين رپيا، پي او ايل لاءِ 148.052 ملين رپيا، گاڏين جي خريداري لاءِ 50.486 ملين رپيا، معاون فورس سروسز لاءِ 116.205 ملين رپيا، مرمت لاءِ 90.439 ملين رپيا، اسٽيشن/مشينري لاءِ 40 لک رپيا ۽ ٻين خرچن لاءِ 60 لک ۽ روپيا شامل آهن. ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ 625.467 ملين رپيا منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن مان 437.827 ملين رپيا يعني 70 سيڪڙو فوري طور تي جاري ڪيا ويندا، باقي رقم عام چونڊن کانپوءِ مفاهمتي ۽ تصديق ٿيل بلن جي جمع ڪرائڻ تي جاري ڪئي ويندي. سنڌ ڪابينا ڪاليج آف نرسنگ (مرد)، اياز سائمن ڪاليج آف نرسنگ (فيمل) لياري ۽ پيرا ميڊيڪل ٽريننگ سينٽر سنڌ گورنمينٽ لياري جنرل اسپتال کي ڪاليج ۽ پيراميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جو درجو ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڊي ايڇ اي کي پاڻي جي فراهمي: صوبائي ڪابينا ڊملوٽي کان ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي تائين پاڻي جي فراهمي لاءِ وقف پائيپ لائين وڇائڻ جي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ KW&SC لاءِ 3500 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني. سائيٽ واٽر سپلاءِ: ڪابينا سائيٽ انڊسٽريل ايريا ڪراچي لاءِ وقف واٽر سپلائي پائيپ لائين فراهم ڪرڻ لاءِ 2500 ملين رپين جي منظوري ڏني. وڏي وزير ڪابينا سان صلاح مشورا ڪندي KW&SC کي 2500 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني ته جيئن منصوبي کي پاڻ مڪمل ڪيو وڃي. ايس  III: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گريٽر ڪراچي سيوريج پروجيڪٽ (S-III) 2007 ۾ ECNEC پاران 7982 ملين رپين جي لاڳت سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جي اڌو اڌ فنڊنگ سان منظور ڪيو ويو. پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش 135 ايم جي ڊي تائين (TP-III تي پمپنگ جي گنجائش وڌائڻ ۽ TP-I جي بحالي سان) ٿوري سيڙپڪاري سان وڌائي سگھجي ٿي. ڪابينا کي تجويز ڏني وئي ته TP-I ۽ TP-III ۾ پاڻي کي ٽريٽ ڪرڻ لاءِ S-III منصوبي کي 135 ايم جي ڊي گھٽائي سگھجي ٿو. ڪابينا مالي سال 24-2023ع ۾ S-III منصوبن لاءِ اڳ ۾ ئي مختص ڪيل 725 ملين رپين کان علاوه ٻين 2200 ملين رپين جي منظوري ڏني. سکر واٽر بورڊ جو قيام: ڪابينا سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ سيد وقار، قاضي عبدالواحد، مدثر زيدي، شفقت راجپوت، ڊاڪٽر ظهور سومرو، محترمه ردا صديقي ۽ ڊاڪٽر گل افشان شامل آهن. غير سرڪاري ميمبر ٽن سالن لاءِ مقرر ڪيا ويندا. گورنر هائوس لاءِ ايمبولينس: ڪابينا گورنر هائوس کي انتظامي ۽ ضرورت جي بنياد تي وينٽيليٽر سسٽم سان ليس ٽويوٽا ايمبولينس خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ 18821 رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني. ايل ايڇ ڊبليو لاءِ چائنا پاران گهرن جي اڏاوت: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته چائنا جي حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ گرانٽ وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ٻوڏ کانپوءِ بحالي واري منصوبي تحت ليڊي هيلٿ ورڪرن لاءِ گهرن جي تعمير وري منصوبي کي وڌايو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تعمير ٿيندڙ گهرن جي نقشي موجب ٻه ڪمرا هوندا هڪ مهمانن لاءِ ۽ ٻيو بيڊ روم هوندو. گهرن جي ماڊل موجب هر گهر جي ويڪر 3 ميٽر، ويڪر 8 ميٽر ۽ ڊيگهه 2.6 ميٽر هوندي جڏهن ته هر گهر جي تعمير 24 ميٽر پٽ تي هوندي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته تيار ٿيل گهرن جي سهولتن ۾ لائٽنگ، پنکا، ساڪٽ، پلمبنگ ۽ ضروري فرنيچر سميت سولر انرجي سسٽم، واٽر پمپ ۽ واٽر ٽينڪ شامل آهن. تيار ٿيل گهرن جي زندگي 20 سال آهي. چائنا جي حڪومت چيو آهي ته هو سنڌ   کي 2 هزار يونٽ بجلي فراهم ڪندي جيڪڏهن صوبائي حڪومت ان لينڊ ٽرانسپورٽ ۽ گرائونڊ انسٽال ڪرڻ جي ذميواري قبولي ٿي ته يونٽن جو ٽوٽل تعداد وڌي 4 هزار 19 يونٽ ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ٽرانسپورٽ جي خرچن ۽ ٻين خرچن جو ڪاٿو لڳائيندي ۽ هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪندي ته جيئن حتمي فيصلو ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آبپاشي انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال ۽ مرمت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ آبياڻو ۽ پاڻي جي اگهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.  نشاندهي ڪئي وئي ته سراسري سالياني آبيانو 528.45 ملين رپيا آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.