سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر،10 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند پيل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جا لکين ٻارڙا اسڪولن تائين نه پهچي سگهيا، نه بند پيل اسڪول کليا ۽ نه ئي وري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ٿي سگهي. ڪالهه پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن پاران سال 2021ع ۽ 2022ع  جي تعليمي صورتحال بابت پڌري ڪيل رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته زميني صورتحال کي ڏسندي اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ انهن ٻارڙن جو انگ 90 لک کان به وڌي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن ۾ وڏو انگ ڇوڪرين جو آهي، ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف سماجي ادارن جي سرويز ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالهه سامهون آئي هئي ته سرڪار پاران بند پيل اسڪول کولڻ جي دعوائن باوجود سڄي سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اسڪول اڃا تائين بند پيل آهن، سنڌ جا هزارين بند پيل پرائمري اسڪول نھ کلي سگھيا آهن، ٻوڏ جي تباھڪارين جي ڪري سوين اسڪول ڊھي پٽ ٿيل آهن، اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار ٿي ويون آھن، اسڪولن ۾ استادن ۽ ٻي عملي جي کوٽ بھ پوري نھ ٿي سگھي، جڏهن ته 25 هزار کان وڌيڪ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استاد جا اميدوار گذريل ٽن سالن کان آفر آرڊر ۽ جوائننگ ليٽر ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل آهن. سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ بارڙن بابت هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي جنهن ۾ سنڌ ٻيو نمبر صوبو آهي جتي 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. انهن ٻارڙن جي اسڪول کان ٻاهر هجڻ جو وڏو سبب غربت ۽ معاشي بدحالي ٻڌايو ويو آهي. سنڌ جي تعليم جي حوالي سان هڪ ٻي رپورٽ شايع ٿي هئي ته سنڌ جي 3 ھزار 278 اسڪولن ۾ رڳو ھڪ استاد مقرر ٿيل آھي، اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن جو تعداد سنڌ جي ڪل آبادي جي تناسب سان 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، 5 سالن کان 16 سالن جي ڄمار وارن ٻارڙن ڪڏهن اسڪول ۾ پير ناهي پاتو. پيپلزپارٽي پوئين سنڌ حڪومت سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولڻ، استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن کي اسڪولن تائين آڻڻ جي لاءِ سال 2020ع ۾ ڪوششون شروع ڪيون ويون، جنهن ۾ آئي بي اي ذريعي استادن کي مقرر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، پر اڃا تائين سنڌ جا هزارين اسڪول بند هجڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 62 لک جي ويجهو اسڪولن کان ٻاهر آهن،پنجاب جو پهريون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.