جماعت اسلامي جو ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ لائسنس ڏيڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي ( م ڊ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ڪي اليڪٽرڪ کي 20 سالن جو ٻيو لائسنس ڏيڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو ته بجلي پيدا / ڪرڻ جي صلاحيت سڄي پاڪستان ۾ موجود آهي، اين ٽي ڊي سي وٽ بجلي آهي جنهن جي قيمت اسان ادا ڪري رهيا آهيون، ان جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪا به ضرورت ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ گئس جي صورتحال هن وقت بدترين آهي، گيس جي فراهمي نه ٿيڻ تي مائرون، ڀينرون حڪمرانن کي بد دعائون ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، صنعتي، رهائشي، ايل اين جي ڪڪ بڪ لاءِ گئس جا اگهه گهٽايا ويندا ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو.

نواز شريف ٽي وي تي بلاول سان بحث ڪري: فيصل ڪريم ڪنڊي

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي  تي بحث ڪري.پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته احسن اقبال جي ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته نواز شريف بحث ۾ بلاول کان هارائجي ويندو، بلاول جي خواهش آهي ته سندس مخالف عوامي عدالت ۾ اچي پاڻ کي پيش ڪن. پ پ جي حڪومت ملازمن جي پگھار 200 سيڪڙو وڌائي هئي، بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي ڀلائي واري منشور مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ملازمن جي برطرفين جو طوفان مچايو، نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي تي بحث ڪري.

ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، 6 ڏوهاري زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڦورو مارجي ويو ۽ 6 زخمي ڏوھارين کي گرفتار  ڪري ورتو، پوليس موجب پي آءِ بي ڪالوني جي علائقي مين بازار ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ھڪ نامعلوم جوابدار مارجي ويو ۽ سھيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ۽ زخمي جوابدار جي قبضي مان 2 پسٽل موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، سولجر باز جي سويرا اپارٽمينٽ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڦورو اويس ولد افتخار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، غازي صلاح الدين روڊ تي پوليس مقابلي ۾ جوابدار سيف الله ولد جميل ۽ عبدالله ولد شير ظھير کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو،ڊيفنس فيز ون ڀرسان قبرستان لڳ پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورن سلمان ۽ عمران کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل جوابدارن کي 2 پستول ڦر ڪيل 2 موبائل ھٿ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.