ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) اي وي سي سي، پي ايل سي ۽ وفاقي ڳجهي اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي نوجوان جي اغوا ۾ ملوث حاضر سروس ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اغوا ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي، مغوي نوجوان جو موبائيل فون، پرس، مختلف ڪارڊ ۽ هٿيار ڪري ورتو، گذريل ڏينهن اي وي سي سي جي ايس ايس پي جميل صديق ڇانگا پنهنجي آفيس ۾ سي سي پي ايل جي عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن 3 ڊسمبر تي بريگيڊ ٿاڻي جي حدن مان محمد وجاهت نالي شهري کي هٿيارن جي زور تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏي ۾ اغوا ڪيو هو. گرفتار جوابدارن مغوي نوجوان جي منهن تي ڪپڙو وجهي نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا، تفصيل ٻڌائيندي ايس ايس پي ٻڌايو ته مغوي جي موبائيل فون تان ان جي گهر وارن کان ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي 50 هزار ڊالر تاوان گهريو ويو جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپيه بڻجي ٿو .۽ پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي جان کان مارڻ جي ڌمڪي ڏني، گرفتار جوابدارن مغوي جي گهر ڀاتين تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ مغوي تي تشدد به ڪيو ۽ ان جي وڊيو ٺاهي گهر ڀاتين کي واٽس ايپ به ڪئي. هن ٻڌايو ته نوجوان وجاهت جي اغوا جو ڪيس بريگيڊ ٿاڻي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ جاچ اي وي سي سي ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اغوا ڪندڙن پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي حرڪت ۾ اچڻ کان پوءِ 5 ڊسمبر تي مغوي نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ روپوش ٿي ويا هئا. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته مغوي نوجوان جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي هڪ ڪارروائي جي دوران مغوي نوجوان وجاهت نديم جي اغوا ۾ ملوث حاضر سروس ڪسٽم انسپيڪٽر عبدالفتح ولد عبدالغني ۽ ان جا 2 ساٿي راشد ولد زاهد ۽ زبير ولد شوڪت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار اغوا ڪندڙ عبدالفتح ڪليڪٽريٽ ۽ ڪسٽم خضدار بطور انسپيڪٽر سرڪاري ملازم آهي. گرفتار جوابدار زبير سکر جو رهواسي آهي جيڪو سي ايس ايس جو امتحان ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو هو. اغوا ڪندڙن مغوي نوجوان کي سکر ۾ پنهنجي ٺڪاڻي ۾ رکيو هو، ظفر صديق ڇانگا ٻڌايو ته گرفتار اغوا ڪندڙن جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته انهن 2 ٻين شهرين کي به اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ڪنهن به وقت انهن ٻنهي شهرين کي کين اغوا ڪرڻو هو. انهن ٻڌايو ته پوليس گرفتار ڪيل اغوا ڪندڙن کان انهن ٻنهي شهرين بابت به سمورا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن انهن ٻڌايو ته اغوا براءِ تاوان جي وارداتن ۾ ملوث گرفتار گروپ ۾ 6 جوابدار شامل آهن جن مان 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي اي وي سي سي ٻڌايو ته انهن چارج سنڀالڻ کان پوءِ هينئر تائين اغوا برائي تاوان جا 3 ڪيسز حل ڪري ورتا آهن جن ۾ نه صرف جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو پر گرفتار جوابدارن کان ڪجهه شيون به هٿ ڪيون ويون.
تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن جو نيتن ياهو حڪومت خلاف احتجاج
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهري دوران اسرائيلي وزيراعظم ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي نيتن ياهو کي هٽائين نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. يرغمالين جي آزادي ۾ حڪومتي ناڪاميءَ تي ڪاوڙيل مظاهرين نيتن ياهو کي شيطان جو چهرو قرار ڏيندي سندس حڪومت تي اسرائيل جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو. متاثر خاندانن سان واسطو رکندڙ مظاهرين جو چوڻ هو ته نيتن ياهو حڪومت 7 آڪٽوبر جنهن ڏينهن اسان کي نظرانداز ڪيو ۽ ان کان پوءِ روز اسان کي نظرانداز ڪري رهي آهي.مظاهرين جو چوڻ هو ته ان صورتحال کي تبديل يا ان جي مرمت ڪرڻ جي طاقت اسان وٽ آهي ان ڪري هن حڪومت کي هاڻ گھر ڀيڙو ٿيڻو پوندو جنهن تي مظاهرين هي هجوم ”هاڻي ئي واپس وڃ“ جي نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
صدر عارف علوي بينڪ فراڊ سبب متاثر ٻن صارفين کي رليف ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ٻن بينڪن جون داخل ٻه الڳ الڳ اپيلون رد ڪري ڇڏيون، صدر حڪم ڏنو ته بينڪ فراڊ سبب متاثر هڪ شخص کي 19 لک ۽ ٻئي کي 7 لک 44 هزار رپيا ادا ڪيا وڃن، بينڪنگ فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي بليڪ لسٽڊ جي لاءِ بينڪنگ محتسب معاملو اسٽيٽ بينڪ وٽ اٿاري ۽ بينڪنگ فراڊ تي ضروري ايس او پيز جاري ڪيون وڃن، صدر مملڪت چيو ته فراڊ ڪندڙ کي بينڪنگ ۽ مالي سهولتون نه ڏنيون وڃن، هڪ بينڪ صارف کي بينڪ جي هيلپ لائن سان ڀيٽ ڪندڙ نمبر ڪال وصول ٿي ۽ ڪالر صارف کيپنهنجي معطل شده ڊيجيٽل بيمنڪنگ ايپ فعال ڪرڻ جو چيو، صارف جي ايپ فعال ڪرڻ بعد اڪائونٽ مان 20 لک رپيا منتقل ڪيا ويا، ٻئي بينڪ صارف کان اڪائونٽ جا تڪنيڪي خاميون ختم ڪرڻ جي بهاني تفصيل گهريا ويا، ان بينڪ صارف جي اڪائونٽ مان 19 ٽرانزيڪشنز جي ذريعي 9 لک 94 هزار رپيا ڪڍيا ويا.