لاڙڪاڻو/ميرو خان (پ ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته عام چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ جماعت کي اڪثريتي مينڊيٽ حاصل نه هوندو ته پوءِ ملڪ ۾ مخلوط حڪومت ٺاهڻ جو آپشن موجود هوندو، پر ڪنهن جماعت کي ڪيتريون سيٽون حاصل ٿينديون اِهو چوڻ چونڊ نتيجا اچڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي پر پيپلز پارٽي پراميد آهي ته عوام پيپلز پارٽيءَ کي اڪثريت سان مينڊيٽ ڏئي بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم بڻائيندو، مختلف علائقن ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻين کي خطاب ڪندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو 56 سيڪڙو مان وڌائي 60 سيڪڙو ڪندي ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي کان پوءِ وفاق ۾ موجود 17 وزارتن کي ختم ڪري صوبن حوالي ڪيو ويندو ۽ انهن وزارتن جي 300 ارب روپين کان وڌيڪ بجيٽ صوبن جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي، مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي جو اتحاد 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي خلاف آهي ۽ اِهي جماعتون چاهن ٿيون ته اقتدار ۾ اچي 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري کي ختم ڪجي پر سندن اِها سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي اهڙن سازشن جو ڄمي مقابلو ڪندي، پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مقبوليت تخت رائيونڊ جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي لاهور واري تڪ تان چونڊون وڙهڻ سان مسلم ليگ ن جي قيادت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي.