بلاول جي سنڌ حڪومت ختم ڪنداسين، 15سالن جو حساب ٿيندو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( م ڊ)  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جڏهن اسان ايندا آهيون ته حڪمران گهر ويندا  آهن، ڪراچي جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي جي ضمانت آهي، ڪراچي ۽ پاڪستان لازم ۽ مظلوم آهن، پاڪستان جو خيرخواه ڪراچي جو به ڏک وٺيندڙ هوندو، اڄ غريبن لاءِ اميد جو ڪرڻو پيدا ڪيو آهي، ڪراچي نئون وعدو ٿيو ڪري پاڪستانين کي پاڪستان موٽائي ڏينداسين. ڪراچي جي باغ جناح ۾ ايم ڪيو ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 15 ورهين جي ظلم جو حساب وٺنداسين، بلاول ڀٽو زرداري تنهنجي سنڌ جي حڪومت به فارغ ڪنداسين، پيپلز پارٽي جي 22 هزار اربن جي سڙپڪاري دفن ٿي وئي، بلاول هائوس ۾ به پاڻي ٽينڪر ذريعي ايندو آهي، ڪجهه شرم ڪيو،  ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي سينئر ڪنوينر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ون ڊي ميڇ کڏي مخالفن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، جلسي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته چونڊون اسان کٽينداسين، عوام کي 15 سالن جي ظلم کان ڇوٽڪارو ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.