تربت(م ڊ) نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اڪرم دشتي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ،نيشنل پارٽي جي نامزد اميدوار لالا عبدالرشيد دشتي جي قافلي تي دشت ڪوڊان ڪراس تي اڻ ڄاتل ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو، فائرنگ ۾ ٻئي اڳواڻ محفوظ رهيا، نيشنل پارٽي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته حملو افسوس جوڳو ۽ گهرو ويڙهه پکيڙڻ جي منصوبابند ڪوشش آهي، هڪ مخصوص سوچ جا ماڻهو بلوچستان ۾ سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ جدوجهد کي سبوتاز ڪري سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ سياست تي پابنديون لڳائڻ جي ڪوشش ۾ آهن