تربت (م ڊ ) تربت ڀرسان بال نگور ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڏ تي عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ بلوچ نسل ڪشي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پوسٽر هئا، جن تي بلوچ عوام تي ظلم بند ڪرڻ ۽ نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان حوالي سان مهر رنگ بلوچ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي ته بلوچ نسل ڪشي خلاف هلندڙ تحريڪ جي حمايت ۾ بال نگور ۾ عوامي احتجاج ڪيو ويو، ان تحريڪ جي ٻين ڪاميابين سان گڏ هزارين عورتون ان جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ نه رڳو هڪ اهم ڪاميابي پر ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪ جي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. جڏهن اسان پنهنجي عوام جي حمايت ۽ طاقت تي نظر وجهون ٿا ته سمجهون ٿا ته اها مقبول طاقت آهي جنهن کان رياست خوفزده آهي ۽ خوف جي علم ۾ طاقت ۽ تشدد جو استعمال ڪري ٿي، اها بوکهلاٽ ظالمن جي شڪست جي نشاني آهي.