سائفر ڪيس ۾ اعظم خان جي بيان ۾ تبديلي، عمران خلاف ڪيس ڪمزور ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد (م ڊ) سائفر ڪيس ۾ اهم شاهد ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي سيڪريٽري عدالت ۾ ٻڌڻي دوران فوجداري ڪيس جي قلم 161 ۽ 164 تحت رڪارڊ ڪرايل پنهنجي اڳوڻي بيان جو وڌيڪ نرم ورزن پيش ڪيو آهي. اعظم خان پنهنجي بيان ۾ اهو حصو شامل ناهي ڪيو، جيڪو هن ايف آءِ اي کي رڪارڊ ڪرايو هو ۽ ماجسٽريٽ سامهون ڏنو هو. ٽرائيل ڪورٽ ۾ سندس بيان ۾ سائفر جي گم ٿيل ڪاپي جو ذڪر ٿيل آهي پر اهو ناهي چيو ويو ته عمران خان پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ اعليٰ فوجي ڪمانڊ کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڳجهي دستاويز جو غلط استعمال ڪيو. هن چيو هو ته ”منهنجو خيال آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستاني فوج جي هاءِ ڪمانڊ (آفيسر) کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ته جيئن انهن کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي ته جيئن اهي کيس عدم اعتماد جي ووٽ کان بچائي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.