ڊاڪٽر مظهر علي جي ڪتاب ” عالمگيريت ۽ سنڌي سَماج “ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيي جو هي ڪتاب سال 2020ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس وارن ڪراچي منجهان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” نهايت ادب ۽ احترام سان پنهنجو هي پهريون ڪتاب ، پنهنجي بابا حاجي مير محمد ڏوتيو ۽ امان عنايت خاتون جي ناءُ ڪريان ٿو. جن پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻو پيار ڏنو ، هميشه منهنجي لاءِ سٺو سوچيو ، سٺو ڪيو ۽ مون تي ڀروسو ڪيو ، جيڪي ظاهر طور گڏ نه هوندي به هميشه مون سان گڏ آهن “

هن ڪتاب ۾ اداري پاران نوٽ لکندي ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ؛ ليکڪ جو مڪمل تعارف ڪرائڻ ۽ سندس ڪم ۽ ڪِرت بيان ڪرڻ کان پوءِ لکيو آهي ته ؛ ” ڊاڪٽر مظهر جي دلچسپي ۽ جذبي آڌار ، آئون جيڪر ائين چوان ته هو مستقبل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم سرشتي بابت ضرور ڪي اڳڀرايون ڪري ويندو ، ته غلط نه ٿيندو“.

جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي وارو اديب ۽ ليکڪ پروفيسر ناگپال صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو لکن ٿا ته ؛ ” هي ڪارائتو ڪتاب هن وقت هر نوجوان جي ضرورت آهي ، هن ڪتاب ۾ ڏنل موضوعن جو غور سان اڀياس ڪيو وڃي ته ، بين الاقواميت ۽ عالمگيريت کي آساني سان سمجهي ، سنڌي سماج جي دنيا ۾ موجود حيثيت ، اهميت ۽ سنڌي سماج کي پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهي ، انهن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.“

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ پهريان ته عالمگيريت يا گلوبلائيزيشن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، ان کان پوءِ هن قوميتن ۽ سرمائيدارانه نظام تي لکيو آهي. پوءِ هن دنيا جي مختلف ترقي يافتا ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد ٽيڪنولوجي ۽ مستقبل ۾ ان جي پوندڙ مثبت اثرن بابت ڄاڻ ونڊي آهي ، جنهن ۾ هو اهو به ڄاڻائي ٿو ته مستقبل ۾ جديد ٽيڪنولوجي جي استعمال سبب پيداواري ذريعا وڌندا ۽ معاشي نظامَ بهتر ٿيندا. ليکڪ هن دنيا ۽ انساني زندگيءَ جي شروعات کان وٺي اڄ جي جديد دور تائين آيل مختلف سماجي ۽ اقتصادي نظرين ۽ انهن ۾ آيل رد و بدل تي پڻ چڱيءَ طرح سان ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي.

معزز ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي صفحي نمبر اٺانوي تي لکيو آهي ته ؛ ” مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس ، انفارميشن ٽيڪنولوجي ، مصنوعي ڏاهپ ، ۽ رابطن جي نون طريقن جي ڪري دنيا جي بناوٽ تبديل ٿي ويندي ، ۽ اها تبديلي ايتري ته وڏي هوندي جو شايد هاڻوڪي دور جو انسان ان تبديلي کي تسليم ئي نه ڪري ! پر اها تبديلي هڪ حقيقت آهي ، جيڪا ضرور ايندي“

ان کان پوءِ هن دنيا ۾ انفرميشن ۽ ٽيڪنولوجي جو تاريخي پسمنظر بيان ڪندي پهرئين ڪمپيوٽر جُڙڻ کان وٺي هاڻوڪي جديد ترين ٽيڪنولوجي جي ڄاڻ وڏي تفصيل سان ۽ مختلف مثال ڏئي بيان ڪئي آهي. پوءِ هن سماجي ميڊيا جي اوسر ۽ عالمگير سماج ٺهڻ جو پس منظر ۽ تواريخ ٻڌائي آهي ، تنهن کان پوءِ وري هن عالمگيريت ۽ ثقافت تي لکندي دنيا جي مختلف ملڪن جي ثقافت بابت ڄاڻ ڏني آهي ، اڳتي وري هو عالمگيريت ۽ ٻولين تي ڳالهائي ٿو.

آخر ۾ هو پنهنجي خاص سبجيڪٽ لنگئا فرئنڪا تي اچي ٿو ۽ ان جي وصف صفحي نمبر هڪ سئو پنجهٺ تي هيئن ٻڌائي ٿو ته ؛ ” اهڙي ٻولي يا اهڙيون ٻوليون جن جي ذريعي مختلف قسم جي آبادين يا قومن سان رابطو ڪري سگهجي ، انهن ٻولين کي لنگئا فرئنڪا يا رابطي جي ٻولي چون ٿا “.

ان کان پوءِ هو عالمگيريت جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ ان کي درپيش مسئلن تي ڳالهائي ، هن ڪتاب جي مُک عنوان ؛ ”عالمگيريت ۽ سنڌي سماج“ تي اچي ٿو. هن مضمون ۾ هو مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي ليکڪن جا حوالا ڏيئي آخر ۾ سنڌ جي هاڻوڪي تعليمي نظام ، سماجي نظام ، اقتصادي نظام ۽ سنڌ ۾ ٽيڪنولوجي جي استعمال تي پنهنجا ويچار ونڊي ٿو.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي آخري صفحي نمبر ٻه سئو اوڻيتاليهه تي لکي ٿو ته ؛ ” ڊجيٽل سماج ۽ عالمگيريت جي هن دور ۾ هر شعبي ۾ ماهر ٿيڻو پوندو ۽ سماج کي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو ، سماج پنهنجي پيرن تي تڏهن ئي بيهي سگهندو ، جڏهن اهو سماج ؛  فني ، تعليمي ، ثقافتي ، سماجي ، سياسي ۽ معاشي طور مضبوط هوندو.“

هن ڪتاب ۾ ليکڪ هر هڪ مضمون جي آخر ۾ ڪافي حوالا ڏنا به آهن . منهنجي سمجهه ۽ سوچ مطابق هي هڪ بهترين ۽ اڄ جي دور جو مثالي ڪتاب آهي ، جيڪو نه رڳو سنڌ پر دنيا جي هر هڪ ماڻهو کي پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنولوجي بابت اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن ، جيڪي ڪجهه ته ٿي چڪيون آهن ۽ ڪجهه وري مستقبل ۾ ٿيڻ واريون آهن . ڪتاب جي ليکڪ کي گذارش آهي ته هن ڪتاب جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ته جيئن هي ڪتاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.