گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري يونيسيف انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي ظلم۽بمباري جي ساڍا ٽن مهينن دوران غزه ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار ٻارڙن جو جنم ٿيو آھي.عالمي خابرو اداري، اي ايف پي موجب يونيسيف جي ترجمان ٽيس انگرام تازو ئي غزه جي دوري کان پوءِ جنيوا پهتي آھي ۽ ھن ٻڌايو ته غزه ۾ ھنن حالتن ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙن جون مائرون مري رهيون آهن.يونيسيف موجب 7 آڪٽوبر تي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين 20 هزار ٻارن جو جنم ٿيو چڪو آھي.جنھن جو حساب لڳائيندي ٻڌايو ويو آھي تھ هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار پيدا ٿي رهيو آهي.ٽيس انگرام چيو ته ماءُ ٿيڻ هڪ خوشي جو لمحو آهي، پر غزه ۾ هر ٻار دوزخ ۾ پيدا ٿي رهيو آهي، ٻار تڙپي رهيا آهن، مائرون مري رهيون آهن، اهڙين حالتن ۾ اسان کي رات جو ننڊ نه اچڻ گهرجي.
ان موقعي تي يونيسيف جي ترجمان انهن عورتن جون ڪهاڻيون به ٻڌايون جن کي جنگن ۽ حملن سبب بدترين مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.هڪ عورت مشال جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته جڏهن ھن جي گهر تي حملو ٿيو ته، مشال حامله هئي، سندس مڙس ڪيترن ئي ڏينهن کان گهر جي ملبي هيٺان دٻيل هو ۽ ٻار به چرڻ پرڻ ڇڏي ڏنو هو.هن موجب عورت ٻڌايو ته هڪ مهيني کانپوءِ کيس يقين ٿيو ته ٻار مري چڪو آهي ۽ هوءَ اڃا تائين طبي امداد جي انتظار ۾ آهي.مشعال چيو ھو ته هن بدترين صورتحال ۾ ٻار پيدا نه ٿيڻ بهتر هو.ٽيس انگرام ويبڊا نالي هڪ نرس جي ڪهاڻي به ٻڌائي، جنهن گذريل 8 هفتن دوران 6 مئل عورتن جو آپريشن ڪيو جنھن لاءِ ھن کي مائرن جو پيٽ چيري ڪري ٻارن کي ڪڍڻو پيو ھو.هن چيو ته غزه ۾ حامله عورتون ۽ نوان ڄاول ٻار جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ان صورتحال ۾ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.وچ اوڀر ۾ 7 آڪٽوبر کان غزه تي جاري اسرائيلي هوائي حملن ۽ زميني ڪارروائين ۾ 24 هزار 762 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.