عام چونڊون: ڪاميابي ڪنهن جي ٿيندي…؟

تحرير: عبدالمجيد مغيري

عوام کي ڏُکَ درد، بُک ۽ بدحاليءَ کان سواءِ ٻيو ڪُجُهه به پلئه نه پيو، سندن زندگي عذابن ۾ گذري! بداَمني جي باهه، لاقانونيت، مهانگائي جو طوفان سڀ خرابيون ائٽمي ملڪ جي وجود کي وڪوڙي ويون آهن، ڪروڙين غريب عوام جو جيئڻ دشوار بڻيل آهي!؟اهڙيون حالتون ڇو پيدا ٿيون؟ ڪيئن پيدا ٿيون؟ يا پيدا ڪيون ويون آهن..؟

هونئن ته، پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان، انتهائي غير يقيني واري صورتحال مان گذري پيو، پر! سال 2013ع کان سال 2023ع تائين، ملڪ ۽ ڪروڙين عوام جا حال هيڻا، سُور ٻيڻا ٿي پيا. ان عرصي دوران وفاقي سياست کان زبردستي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي رستا روڪ ڪري پري ڪيو ويو ۽ من پسند لاڏلن کي آندو ويو، 2018ع جي عام چونڊن ۾ لاڏلي خان صاحب جي پارٽي، پي ٽي آءِ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ملڪ جو تاج ۽ تخت خان صاحب جي حوالي ڪيا ويا. دنيا وارن ڏٺو ته خان صاحب ۽ سندس ڪمپنيءَ ڪهڙيءَ ريت ملڪ کي ڪٻاڙ خانو بڻائي کوکلو ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ اڃان به ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن ادارن مٿان لشڪر ڪشي ڪئي ۽ نيٺ نتيجو اهو نڪتو، وقت کان پهرين پي ٽي آءِ، حڪومت جي پڄاڻي ٿي ۽ لاڏلو جيل جي هوا پيو کائي.

ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان، ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ، ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف ۽ ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ سياسي ٻالڪو ميان محمد نواز شريف ۽ پُرتشدد سياست جو حامي خان عمران خان نيازي صاحب جي حڪمراني ملڪ ۽ عوام کي تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪُجُهه به ناهي ڏنو.ڊڪٽيٽرن، من پسند لاڏلا ڪلچر سياستدان ۽ عوامي سياستدانن ۾، ڪير مڃي يا نه مڃي، حقيقت اِها آهي، ته اڄ به ملڪ ۾ جمهوري قدرن جو پاسبان واحد عوامي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي.پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي لازم ملزوم آهن، ملڪ جي ترقي عوام جي خوشي ۽ خوشحالين جي ضامن آهي، جمهوريت جو حقيقتي آواز شهيدن جي پارٽي آهي، نفرت ۽ پلاند وٺڻ واري سياست کان سدائين ڪوهين ڏور رهي آهي. اَمُن ڀائيچاري، محبت، ترقي، خوشيون ۽ خوشحالين لاءِ  سفر ڪندڙ، ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ءَ جون پاڙون ملڪ جي ڪروڙين عوام جي دلين ۾ مضبوطيءَ سان جُڙيل آهن، دنيا جي ڪابه طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.

چونڊن جي پهرين مرحلي جون حقيقتون سڀني جي سامهون آهن، پوءِ به حتمي فيصلو چونڊ ڏهاڙي عوام جي ووٽ سان ٿيندو، ۽ اِها ڳالهه به حتمي ناهي ته، فقط عوام جي ئي ووٽ سان فيصلو ٿي ويندو، ڇو ته اسان جي ملڪ جي تاريخ رهي آهي ته جڏهن، تڏهن عوام جي راءِ کي ٿڏيو ويو، ڪڏهن به اهميت نه ڏني وئي، هت هڪ ئي رات ۾ ٿيڻي شيءَ، اڻ ٿيڻي ٿيو وڃي ۽ اَڻَ ٿيڻي شيءَ  ٿيڻي ٿيو وڃي.

ڪڏهن ڪنهن پارٽي جا سياسي رستا بند ٿي ويندا آهن. ڪنهن جا بند ڪيل رستا کلي ويندا آهن، پارٽي اڳواڻن لاءِ  ڪار پيٽ به وڇايا ويندا آهن. اهڙا تماشا سالن کان ٿيندا رهن ٿا.

ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي سياست لاءِ گهڻي عرصي تائين رستا روڪ ٿيندي رهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي لاءِ اِهو تڪليف ڏيندڙ وقت هو. هٿراڌو پيدا ڪيل انتهائي ڏکين حالتن ۾ به جمهوري رستي سان پنهنجو سفر جاري رکيو ڪروڙين عوام جون محبتون حاصل ڪيون، اڄ تائين محبتن، قربتن وارو رشتو جڙيل آهي. شهيدن جي پارٽي سياسي اصولن جي پاسداري تي يقين رکي ٿي، ان ۾ ئي سندس ڪاميابي آهي. 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي پارٽيءَ جي ڪاميابي ٿيندي؟

هي سوال هر جاءِ تي دهرايو پيو وڃي، اچو ته رونما ٿيندڙ سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ هن سوال جي جواب کي ڳوليون، چونڊن ۾ ڪير کٽي ويندو ۽ ڪنهن جي شڪست ٿيندي؟

چونڊن ۾ پي ٽي آءِ، جو ڪوبه ڪردار نه هوندو. ڇوته هو آزاد حيثيت سان چونڊ ميدان ۾ آهن ۽ چونڊن کان پوءِ ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي.

” پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ “ن” جميعت علماءُ السلام “ف” جماعت اسلامي ۽ ٻيون ننڍيون پارٽيون ميدان ۾ لٿل آهن.

ميان محمد نواز شريف کي گهرائي شاهي انداز سان استقبال ڪيو ويو ته ڳالهيون هوا ۾ اُڏامڻ لڳيون، چيو پيو وڃي ته، نيازيءَ جي ناڪامين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون لاڏلو ميان صاحب کي خان صاحب جي جڳهه تي فٽ ڪيو پيو وڃي. پر ايئن ٿي نٿو سگهي طاقتور ڌر جي سوچ بدلجي پئي، “سوچيو پيو وڃي ته هن وقت پوري دنيا ڀڃ ڊاهه جي شڪار آهي دنيا ۾ اڃان به حالتون خراب ٿيڻ ڏي وڃي سگهن ٿيون، عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ اهڙين حالتن ۾ هت وڌيڪ ڏکيون حالتون  پيدا ٿينديون، هن وقت به ملڪ انتهائي ڏکين حالتن ۾ آهي، عوام سخت پريشان آهي، تنهنڪري من پسند ۽ لاڏلا پالڻ واري شوق کي پاسيرو رکي، شفاف چونڊون ڪرائڻ ئي سڀني مسئلن جو حل آهي، انصاف ڀريون ڇونڊون ٿيڻ سان وجود ۾ ايندڙ جٽادار جمهوري حڪومت جو هجڻ ضروري آهي”اسٽبلشمينٽ پنهنجي ماضيءَ واري سوچ ۽ تجربن کي پاسيرو رکي، نئين سوچ سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن. نگران حڪومت جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي، ميان محمّد نواز شريف جو لاڏلو ٿيڻ واريون ڳالهيون هوا ۾ اُڏامي ويون لاڏلو ٿيڻ کان سواءِ ميان صاحب لاءِ  چونڊن ۾ ڪاميابي ڏاڍو مشڪل ٿيندو پيو وڃي، پريشانيون وڌي رهيون آهن، سچ اهو آهي مسلم ليگ “ن” جي پوري قيادت سخت مونجهاري ۾ آهي کين ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته نيٺ ته ڇا ٿي رهيو آهي.

جمعيت علماءُ اسلام “ن” جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن جون پريشانيون به لڪل ناهن، مولانا صاحب چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ التجائون پيو ڪري پنهنجي اباڻي صوبي ڪي پي ڪي ۾ کيس  شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پي ٽي آءِ جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي.

عوامي سمنڊ اُٿلي پوڻ مان ثابت ٿئي ٿو، ته ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هوندي، سگهاريون ڌريون به پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جي اُميد رکيون ويٺا آهن ان اميد سان ته خطرناڪ حد تائين گهڻ رُخي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي ٻاهر ڪڍي ترقيءَ جي راهن تي وٺي وڃڻو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ سان ئي سڀ ڪاميابيون نصيب ٿي سگهن ٿيون. ذريعن مان به اهائي ڄاڻ ملي ٿي ته، طاقتور ڌر جي اڪثريت جو به خيال آهي ته “پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دؤرن ۾ حالتون بهتر ٿينديون آهن ملڪي ڪاروبار بهتر ٿي ويندي آهي، ايتري مهانگائي به ڪانه ٿيندي. آهي، عالمي پاليسي بهتر رهندي آهي، عالمي برادري سان ملڪي لاڳاپا به سُٺا رهندا آهن، ميان محمد نواز شريف جي حڪومتي دؤرن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملا ۽ حالتون خراب ٿي وينديون آهن، خان صاحب عمران خان نيازي صاحب جو دؤر ته الائي ڇاهيو!؟ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پي آيو ته، پي ٽي آءِ حڪومت ڪيئن هلي ٿي!؟ ڪٿان ٿو هلي!؟ ڪير هلائي پيو!؟ هڪ اُونداهي واري دؤر کان سواءِ ٻيو ڪُجُهه به نه هيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوري قيادت چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابي لاءِ پُرُ اُميد، خوش آهي، ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي، لاهور ۾ به بلاول ڀٽو زرداري طرفان چونڊ وڙهڻ، ميان محمّد نواز شريف لاءِ خصوصي پيغام آهي.

ذريعن مان اها به سُڌ ملي ٿي ته انصاف ڀريون چونڊون ڪرائڻ لاءِ بهتر بندوبست ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.