اڄ بلاول ڀٽو زرداري لاھور مشن جي نالي تي نه صرف لاھور فتح ڪرڻ ويو آھي پر ھن جي نظر پنجاب صوبي تي پڻ آھي۔ھونئن ته پنجاب کي فتح ڪرڻ وارا پاکستان کي فتح ڪندا ھئا پر ھينئر پي ٽي آئي جي اچڻ کان پو نواز دشمني ۾ لاھور وڏي اھميت اختيار ڪري ويو آھي.
فيبروري جي اليڪشن ٿيڻ واري اعلان کان پوءِ سڀ کان پھرين جنھن پارٽي پنھنجي اليڪشن مھم شروع ڪئي آھي اھا ھئي پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي پارٽي طرفان پاڪستان جو وزير اعظم نامزد ٿيڻ کان پو باقائده سڄي ملڪ ۾ اليڪشن مھم شروع ڪري ڏني آھي ۽ ھر جلسي ۾ پنھنجو پاڻ کي نوجوان قيادت ۽ وزير اعظم طور پيش ڪري رھيو آھي بلاول جون ڳالھيون انتھائي دلچسپ ۽ عوام کي پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ تمام سٺيون آھن.
جيئن چئي ٿو ته نواز کي چوٿون ڀيرو وزير اعظم نه ٿيڻ ڏينداسين، نواز کي نوي جي سياست نه ڪرڻ ڏينداسين ، شينھن جو شڪار تير سان ئي ٿيندو اليڪشن مھم جي دوران اھڙيون ڳالھيون ڪري اڄ لاھور اھو چئي نڪتو آھي ته شينھن اڄ ٻاھر نڪتو آھي ان جو شڪار ڪرڻ لاھور آيوآھيان۔اڄ جي جلسي ۾ اھو به چيو آھي ته پي ٽي آئي جي ڪارڪنن سان نواز ليگ جا ڪارڪن ظلم ڪري رھيا آھن ،ساڳئي وقت اھو به چيو آھي ته نواز جا ڪارڪن اسان کي ووٽ ڏين جيئن انھن جي ووٽ کي عزت واري ڳالھه پوري ٿئي اسان ھنن جي نه صرف ووٽ پر ھنن کي به عزت ڏينداسين۔اڄ جي جلسي جي خاص ڳالھه اھا ھئي جو بلاول ڀٽو زرداري مشهور زمانه اسڪالر طاھر القادري صاحب کي پڻ ياد ڪيو آھي،
بلاول جو نواز ليگ جي سينئر قيادت خلاف ڳالھائڻ ۽ انھن جي مسلسل جواب نه ڏيڻ واري پاليسي کي ائين اگنور نٿو ڪري سگھجي ،ايستائين جو ڪل سليم صافي جي پروگرام ۾ شھباز شريف بلاول ڀٽو جي لاءِ صرف اھو چيو ته ھو نوجوان آھي ھوشيار آھي ۽ منھنجي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير ھو۔اھو اھوئي شھباز شريف آھي جيڪو ھنن لاءِ ڇا ڇا نه ڳالھائيندو ھو مون کي لڳئي ٿو ته سياست ۾ اصل ۾ تبديلي اھا آھي جيڪا يقينن ڪمال جي آھي باوجود ان جي بلاول ڀٽو زرداري اڄ به شھباز شريف کي شو باز چيو. جڏهن ته ھن کي ايئن چوڻ نه گھرجي ڇاڪاڻ ته بلاول ھن جي ٽيم جو اھم ذميداري جو حصو ھو ۔لاھور مشن بلاول جو سياسي ڪيرير جو ۽ ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ جو ھڪ اھم مشن آھي بلاول کي توري تڪي ۽ وڏي سوچ رکندي اعلي قدرن ۽ اخلاق جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ۔گار گند جي سياست ته پي ٽي آئي به ڪئي پر نتيجو بلاول جي سامھون آھي،ڪٿي ايئين نه ٿئي جون آصف زرداري صاحب جون ڪيل نواز برادران سان ڀلايون ڪنھن ڪم جون نه رھن۔
منھنجي نظر ۾ بلاول کي ھونئن به لاھور پنجاب ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شھيد بنظير ڀٽو جو نواسو ۽ پٽ ھجڻ جو ڪريڊٽ مليل آھي۔بلاول کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته ھو پنجاب ۾ ڀٽو ۽ زرداي صاحب جي صبر ۽ تحمل ۽ مفاهمت واري سياست ڪري ،تنقيد ۽ گار گند کان پاسو ڪري عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالھه ڪري،نوجوانن ۾ نوجوانن وارو ھمت ۽ حوصلو ڏيڻ وارو ڪردار ادا ڪري ملڪ کي ترقي وٺرائي جيئن پنجاب پاڪستان کي ڀٽوياد اچي وڃي ۽ عوام بلاول ڀٽو کي چوي ته واقعي ناني جو نواسو آھي۔
آخر ۾ اھو چوندس ته لاھور مشن اصل ۾ جھموريت جو مشن آھي ،پاڪستان جي آئين جو مشن آھي،عوام جي ترقي جو مشن آھي جنھن لاءِ بينظير ۽ ذوالفقار علي ڀٽو شھادتون ماڻيون۔۔