اسلام آباد ( م ڊ) چين جو نائب پرڏيهي وزير سن وائي ڊونگ اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني نائب پرڏيهي وزير سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي پيڪ جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو عالمي سهڪار ۽ رابطن بابت اجلاس اڄ ٿيندو. ترجمان موجب پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس جي صدارت ڪندو، چيني نائب پرڏيهي وزير به اجلاس جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيني نائب پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان ملاقات جو امڪان آهي.