قادر مگسي سان ڪيو اي ٽي ۽ جي يو آءِ وفدن جون ملاقاتون

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو جي اڳواڻي ۾ ساحر اياز پليجو، اشرف پليجو، رفيق ڪرناڻي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي جي يو آئي.عبدالمالڪ ٽالپر صوبائي جوائينٽ سيڪريٽري مقصود احمد ڀٽو، حماد ٽالپر ٻين تي مشتمل وفدن جو الڳ الڳ  جي ملاقاتون  ٿي گذريون. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالھه ٻولھه  ٿي گذري ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته    گذريل 15 سالن کان سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ پ پ پ سنڌ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي زمينن کي نيلامي کان ويندي وسيلا سمورا ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان مظهر راهوجو چيو ته پ پ پ جي ڪرپٽ حڪمراني کان مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي ايس ٽي پي چيئرمين حيدرآباد جي ضلع ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته قاسم آباد ۾ اياز لطيف پليجو جي ڀرپور مهم هلائي وڃي.  جڏهن ته پي ايس 61 حيدرآباد واري تڪ تان سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اميدوار جان محمد جوڻيجو جي يو آئي اميدوار جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي قادر چنا، امتياز سمون ، جان محمد جوڻيجو ۽ ٻيا شريڪ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.