گهوٽڪي ۾ ٻن شاگردن سميت 3 نوجوان اغوا، پوليس جو ڪردار مشڪوڪ

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندا) گھوٽڪي  ضلعو بدامني جي باھ ۾ وڪوڙيل. سرحد مان ٻن شاگردن سميت ملھڻ برادري جا ٽي نوجوان اغوا. اغوا ۾ گھوٽڪي پوليس جي آفيسرن جي ملوث ھئڻ جا چوٻول. پير ڪچي طرف ويا.تفصيل موجب: گھوٽڪي ضلعو بدامني جي باھ ۾ وڪوڙجي ويو آھي.اغوائون قتل ڦرون ۽ چوريون عروج تي آھن. ان سلسلي ۾ گذريل رات دير سان جھانپور جي ميلي تان واپس ايندڙ ڳوٺ سانوڻ ملھڻ جا رھواسي ٻن شاگردن سميت ٽي نوجوان سرحد ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويا آھن. جن ۾ شاگرد عبدالقدير ملھڻ شاگرد ادريس ملھڻ ۽ نوجوان آصف علي ملھڻ شامل آھن. جن جي موٽرسائيڪل ڪالھھ صبح جو ڳوٺ ربن ملھڻ وٽان ھٿ آئي آھي. موٽرسائيڪل ملڻ بعد سرحد ٿاڻي جي جھانپور چوڪي پوليس ۽ وارثن ڌاڙيلن ۽ مغوين جا پيرا کنيا. جيڪي ڳوٺ غلام حسين چاچڙ جي سامھون کان آندل سندراڻي جي بند پڪٽ نمبر 50 کان ٿي ڪچي طرف ويا. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ ھو تھ ڄاڻايل نوجوانن کي اغوا ڪرائڻ ۽ ڌاڙيلن کي سپورٽ ڪرڻ ۾ گھوٽڪي پوليس جا آفيسر ملوث آھن. ڇو تھ جن مستقل پڪٽ بند پڪٽ نمبر پنجاھ تان ٻھ ڏينھن اڳ سڀ پوليس جا جوان بدلي ڪري ٻين پڪٽن تي مقرر ڪري ڄاڻايل پڪٽ کي خالي ڪري ڇڏيو ھو. جتان ڌاڙيلن جي اچڻ ۽ ڏوھي ڪاروائي ڪري مغوين کي کڻي ساڳي ھنڌ کان واپس ويا آھن.خبر لکائڻ تائين واقع جو ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.