ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي، ريجرز ۽ ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) سي ٽي ڊي حساس ادارن سان گڏجي سولجر بازار ۾ ڪارروائي ڪندي پاڙيسري ملڪ لاءِ ڪم ڪندڙ  گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيو ۽ ٻڌايو ته دهشتگرد سيد مهدي دشمن جي ڳجهن ادارن لاءِ ڪم ڪندو آهي، سيد مهدي جو تعلق زينبيه برگيڊ سان آهي، گرفتار جوابدار هاءِ ويليو ٽارگيٽ جي  ريڪنگ ڪندو هو، ترجمان سي ٽي ڊي موجب جوابدار ريڪي ڪري پنهنجي ساٿين رضا جعفري ۽ عابد رضا کي اطلاع ڪندو هو، ٻيا ساٿي کين نشانو بڻائي فائرنگ ڪري انهن کي قتل ڪندا هئا. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ لاءِ دستي بم ۽ هٿيارن جو استعمال ڪندا هئا، گرفتار جوابدار هٿيارن جي وڪرو جو به ڪم ڪندو آهي، جوابدارن جا ساٿي رضا جعفري ۽ عابد رضا مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ ملوث هئا، جوابدارن مخالف فرقي سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اهم شخصيتن کي به نشانو بڻايو.ٻئي پاسي ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس اتحاد ٽائون ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي تحريڪ طالبان پاڪستان جي انتهائي گهربل دهشتگرد عبدالغفار کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار عبدالغفار عرف امجد عرف عرفان وٽان ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر محمد علي عرف مفتي جو ويجهو ساٿي آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدارن آڪٽوبر 2011ع ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي آپگهاتي حملي جي رٿابندي ڪئي هئي، حملي لاءِ 5 آپگهاتي بمبارن کي وزيرستان کان ڪراچي گهرايو ويو هو. جوابدار آپگهاتي بمبار سان گڏ مزار ڏانهن وڃي رهيو هو ته پوليس کيس روڪيو ته جوابدار ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. واقعي کان پوءِ دهشتگرد عبدالغفار موقعي تان فرار ٿي ويو، مفرور جوابدار خيبرپختونخواهه ۾ لڪيل هو ۽ هاڻ هو نيٽ ورڪ منظم ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڪراچي آيو هو، سندس ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ سبب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف جي پاڪستاني معيشت بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي  ته پاڪستان حڪومت جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4.5 مان وڌي 8.2 ارب ڊالر ٿي ويا آهي، جولاءِ 2023 کان معيشت درست رستي تي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان معاشي بهتري لاءِ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين سمورا هدف حاصل ڪيا، پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي جي پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي.آءِ ايم ايف رپورٽ موجب پاڪستان ۾ زرعي شعبو 5.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي پر صنعتي شعبو ڏکيائين ۾ آهي ۽ صنعتي شعبي جي اوسر جي شرح رڳو 2.5 سيڪڙو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڊالر جي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا، مئي 2023 ۾ مهانگائي جي شرح 36 سيڪڙو هئي، جيڪا آڪٽوبر 2023 ۾ 26.8 رهي.آءِ ايم ايف رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو ۽ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي، هلندڙ مالي سال اوڳاڙيون ۽ گرانٽس جي ڊي پي جو 12.5 سيڪڙو رهي سگهن ٿيون، جڏهن ته بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.6 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿو، ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني وڌڻ سٺو سنئوڻ آهي، ٽيڪس، نان ٽيڪس آمدني وڌڻ سان خسارو ڪنٽرول ٿيو.

اڳوڻن حڪمرانن غريبن کان ٻه ويلا ماني به کسي ورتي: صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(سٽي رپورٽر) لاڙڪاڻو جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ۽ اين اي 195 جي اميدوار ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چونڊ تڪ جي ڏوڪري ۽ موهن جو دڙو جي مختلف علائقن جا طوفاني دورا ڪيا جتي هن ڳوٺ صوبدار سرگاڻي ۾ مشتاق سرگاڻي، ٽاٽڙي شهر ۾ بشير احمد ٽاٽڙي، ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙ ۾ مختلف برادرين جي معززن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ڳوٺاڻن سندن جو شاندار استقبال ڪري ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته جي ڊي اي جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي نه پر هن تڪ جي غريب ۽ پٺتي پيل عوام جي ڪاميابي آهي جن کان اڳوڻن حڪمرانن ٻن ويلي جي ماني کسي ورتي آهي. هن چيو ته حڪمرانن جي بيڊ گورننس جي ڪري ملڪ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي ۽ قانون نالي ڪا شيءَ به ناهي، غريب عوام ماني لاءِ ترسي رهيو آهي ان موقعي تي منظور عباسي، رافع علي عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.