190 ملين پائونڊ ريفرنس: ملڪ رياض ۽ سندس پٽ جا اثاثا منجمد

اسلام آباد ( م ڊ )  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي حڪم تي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس پٽ جون سموريون ملڪيتون، گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس 190 ملين پائونڊن جي القادر ٽرسٽ ريفرنس ۾ منجمد ڪيا ويا آهن. خابرو اداري موجب حڪمنامي ۾ ڄاڻايل سموريون ملڪيتون، گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن، ملڪ رياض جي منجمد ڪيل گاڏين ۾ لينڊ ڪروزر، بي  ايم ڊبليو شامل آهن. واضح رهي ته نيب طرفان پهرين ڊسمبر 2023 تي ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ 4 ڊسمبر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض خلاف 190 ملين پائونڊن جي القادر ٽرسٽ ريفرنس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو هو. خاص مددگار مرزا شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ۽ ٻين ٽن ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.