نوجوان مايوسي سبب ملڪ ڇڏي رهيا آهن: محمد احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر) مڪاني ادارن، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ بحالي جي نگران صوبائي وزير  محمد مبين جماڻي چيو آهي ته ڪراچي جي  تعميراتي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ هفتي هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾آباد جو ميمبر به شامل هو، هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڪراچي شهر جا سمورا علائقا ڊيجيٽلائيزڊ ٿي ويندا، جڏھن تھ  25 مان 14 شهرن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. ايس بي سي اي سسٽم کي به مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل ذريعي 12 سئو ملازمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي هڪ ئي وقت 3/3 سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي مرڪزي آفيس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نگران صوبائي وزير اطلاعات ۽ اقليتي معاملن وارو وزير محمد احمد شاھ، سرپرست اعليٰ آباد محسن شيخاڻي، چيئرمين آباد آصف سم۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نگران صوبائي وزير سنڌ محمد احمد شاهه چيو ته هزارين ايڪڙ زمين آباد بدران انفرادي ماڻهن کي ڏني وڃي ٿي، آباد کي ڇو نه ڏني وئي؟ هن چيو ته اسان جي نظام جو نقشو ئي اهڙو آهي ته ڪرپشن کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي، جن ڪيسن تي سزائون ڏنيون وينديون آهن انهن جي برعڪس پاڪستان ۾ انھن ڪيسن تي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن. ھن چيو تھ هن نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا، اها اسان جي بدقسمتي آهي جو پاڪستان جو مستقبل هاڻي ملڪ ۾ مايوسي سبب پرڏيهه وڃي رهيو آهي. احمد شاهه چيو ته اسان جي ملڪ مان نه رڳو پئسو پر مهارت رکندڙ نوجوان به پرڏيھھ وڃي رھيا آهن، آباد جي سرپرست محسن شيخاڻي چيو ته بدقسمتي سان دعوائن جي باوجود شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون بند نه ٿي سگهيون آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.