نوازشريف سيڪيورٽي ٿريٽ سبب جلسا نه پيو ڪري: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته نواز ليگ ۽ آءِ پي پي ۾ هن وقت سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيل آهي پر استحڪامپاڪستان پارٽي اليڪشن کانپوءِ نواز ليگ کي تنگ ڪندي،رڳو  نوازشريف نه پر شهبازشريف سميت ن ليگ جي 8 اڳواڻن کي سيڪيورٽي ايجنسين ٻڌايو آهي ته انهن تي حملن جو خطرو آهي ان ڪري اهي محتاط ٿي ويا آهن، چونڊ مهم ان ڪري ماٺي آهي، هن چيو ته نوازشريف زور لڳائي رهيو آهي ته ن ليگ جي منشور ۾ پاڪستان جي وڏن مسئلن جو حل پيش ڪيو وڃي،نوجوانن کي اهو منشور  وڻڻ گهرجي، نوازشريف کي پڪي خبر آهي ته هن کي حڪومت ۾ اچڻو آهي تڏهن ته  معيشت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڇهن مهينن سال کانپوءِ اسان ان بابت سوال ڪنداسين، هن چيو ته عمران خان جي ان راءِ سان اتفاق ناهي ته پي ڊي ايم وارن پي ٽي آءِ سان ڳالهيون معطل ڪيون هيون، عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو، هن پوائنٽ اسڪورنگ جي ڪوشش ڪئي، لانگ مارچ اعلان بعد شهبازشريف اسيمبلي ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو، ٻيو ڀيرو ڳالهيون ٿيون ته ان ۾ به پي ٽي آءِ پٺتي ٿي وئي، عمران خان پنهنجي ٽيم کي ڳالهين مان واپس گهرايو، هن چيو ته عمران خان جي ساٿي آءِ ايس آءِ جي هڪ جنرل سان ملاقات ڪئي،جنهن تي عمران خان هڪ تذليل وارو نالو رکيو هو پر ان جنرل عمران خان سان ملاقات کان انڪار ڪيو، پ پ ۽ ن ليگ لاءِ تاثر آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان اسٽيبلشمينٽ رابطو ڪري ٿي ته پوءِ اها وري لاڏلي ٿي سگهي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.