52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين اداري کي ڏيڻ ڌرتي ڌڻين خلاف سازش آهي: لال جروار

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) سنڌو درياءَ جي وڪيل، ملڪي ۽ عالمي فورمن تي سنڌ جو قومي ڪيس وڏي بھادري ۽ مدلل طريقي سان پيش ڪندڙ، لطيف جي پارکو قومي ۽ طبقاتي جدوجھدن ۾ نئين جدت ۽ نوان رُخ ۽ لاڙامتعارف ڪرائيندڙ، سنڌ ۾ عورتن جي انقلابي تنظيم جو بنياد وجھي عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪندڙ، ڪوٽ لکپت جي فاتح ضيائي مارشلا خلاف جيل جون سختيون سھندڙ  عوامي تحريڪ جي سربراھ، اديب، دانشور، نقاد، قانوندان، قائد انقلاب رسول بخش پليجي جي 94هين سالگره سموري سنڌ ۾ ملهائي وئي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سموري سنڌ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون ويون جڏهن ته مک تقريب ٺٽي ۾ مڪلي جي مقامي هال ۾ ٿي. تقريب کان اڳ جنگشاهي ۾ سندس آخري آرام گاه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي  ڏني وئي. ان موقعي تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيو ويو. مک تقريب کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، اديب محمد علي مانجهي، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجي، رسول بخش پليجي جي نياڻي شهناز پليجو، سينيئر صحافي اسحاق مڱريو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، سينيئر صحافي اقبال خواجا، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ گهنور خان زئور، رزاق چانڊيو، سرمد راڄپر، صحافي اقبال جاکرو، نويد سنديلو، شاعره گل بيبي شاھ، شاعر راج راڄپر، مارو خشڪ، محمد ٻارڻ، صحافين سامي ميمڻ، محبوب بروهي، علي اڪبر دلواڻي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته رسول بخش پليجو مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگھارو آواز هو. رسول بخش پليجي سموري ڄمار جمهوريت جي بالادستي ۽ آمريتن خلاف جدوجھد ڪئي. رسول بخش پليجو سنڌ جو محافظ هو، هن هر سنڌ دشمن منصوبي کي عوام اڳيان وائکو ڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف هن اڻ ڳڻيون جدوجهدون ڪيون. هن چيو ته نگران سرڪار ۽ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني وچ ۾ ٿيل معاهدو سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيو ته گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ايسٽ انڊيا ڪمپني کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو کي ڏيڻ وارو نگران سرڪار جو فيصلو ملڪي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. زمينن ۽ وسيلن تي حق اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو آهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف جدوجهد نه ڪندڙ اميدوارن کي سنڌ جو عوام ووٽ نه ڏئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي وڪري جو وکر بڻائي، سنڌ تي حملا آور ٿي آهي، حورالنساء پليجو چيو ته رسول بخش پليجو صاحب عالمي انقلابي اڳواڻ هو، عمره سمون چيو ته ملڪ جي حڪمرانن آئين ۽ قانون معطل ڪري جرڳائي نظام کي مضبوط ڪيو آهي جڏھن ته قراردادن ۾ چيو ويو ته نگران حُڪومت کي به سنڌ جي عوام ڪوبه اھڙو اختيار ڪو نه ڏنو آھي ته ھو صاف شفاف اليڪشنون ڪرائڻ بدران سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪندي رھي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن کي ڪمپني حوالي ڪرڻ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي جمهوري ۽ سيڪيولر پاڪستان جو چهرو مسخ ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي بحريا ٽائون ڊي ايڇ سٽي ذوالفقار آباد ۽ ٻين وڏين اسڪيمن جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويو آھي ته ٻئي پاسي ڪارونجھر گورک ھل ڪاڇي ۽ ڪوھستان تي سميت ڪينجھر ھاليجي ڀنڀور ۽ ٻين ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن تي قبضن ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي. ٺٽي ضلعي سميت ڪيترن ئي ضلعن جي زمينن جا کاتا پڻ تبديل ڪيا  ويا آھن اڄوڪي ھن جلسي عام ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ جي زمينن وسيلن سنڌو درياء جي پاڻي تي زبردستي ڌاڙا ھڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. چونڊن ۾ مداخلت بند ڪري ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن کي بنا روڪ ٽوڪ جي چونڊن ۾ برابر جو حصو ڏئي اليڪشن ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو وڃي. ملڪ ۾ ڪرايل بوگس ۽ ڪوڙي آدمشماري کي رد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ رھندڙ لکين غير قانوني افغانين ۽ ٻين ڌارين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.