لاهور(م ڊ) ن ليگ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي گورنر سردار مهتاب عباسي جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ ن طرفان جاري بيان موجب مهتاب عباسي خلاف پارٽي ڊسيپلين جي مسلسل ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته مهتاب عباسي قيادت کان ناراض ٿي پي ٽي آءِ جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪيو هو، مهتاب عباسي هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي به تعريف ڪئي هئي. مهتاب عباسي ڪافي عرصي کان مسلم ليگ ن جي قيادت کان ناراض هو ۽ هن هلندڙ سال فيبروري ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.ٻئي پاسي مهتاب عباسي جو چوڻ آهي ته ن ليگ کي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ئي نه ڏني هئي، آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهيان.