عوامي ٽيڪس سان هلندڙ هر اداري بابت ڄاڻ عوام کي ملڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو حق آهي ۽ ڄاڻ  سان ئي احتساب شروع ٿي ويندو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته هاڻ هر شهري لاءِ ڄاڻ جي فراهمي حق بڻجي چڪو آهي، قانون چئي ٿو ته وفاقي حڪومت جي تابع ادارن تي ڄاڻ جي فراهمي لازمي آهي، آئين جي شق 19 ۾ صحافتي آزادي جو ذڪر آهي، روشني ڏيکاريندا هلون ته معاشرو ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڄاڻ تائين پهچ هاڻ سڀني جو حق آهي.هن چيو هاڻ جيڪو شخص يا ادارو ڄاڻ نٿو ڏيڻ چاهي ته ان کي ٻڌائڻ گهرجي ڇو نٿو ڏيڻ چاهي، چار سالن تائين فل ڪورٽ ۾ ميٽنگ نه ٿي هئي، اسان ايندي ئي فل ڪورٽ جي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو، هن وقت ٻه اهم ڪيس سڌي ريت ڏيکاري رهيا آهيون، تقريبن هر اهم فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي لڳايو ويندو آهي.سندس چوڻ هو ته اسان پاڻ کي توهان جي سامهون احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڇو ته عوام کي ٻڌايون ته ڇا ڪري رهيا آهيون، عوامي ٽيڪس سان هلندڙ اداري بابت ڄاڻ عوام کي ملڻ گهرجي، اهم ڪيس لائيو ڏيکاري رهيا آهيون، ماڻهو سمجهن ۽ سوال ڪن، غلط فهمي تي ڪنهن تي الزام نه هڻن.چيف جسٽس چيو ته 3 مهينن دوران 5 هزار 305 ڪيس اڪلايا ويا، پهريون ڀيرو ٿيو ته داخل ڪيسن کان وڌيڪ ڪيس اڪلايا ويا، پهريون ڀيرو هڪ عورت سيشن جج کي سپريم ڪورٽ رجسٽرار مقرر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ سامهون رنڊڪون ختم ڪري عوام جي 50 گاڏين جي گنجائش ڪڍي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.