پي ٽي آءِ جو ٻيو ورچوئل جلسو، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن انٽرنيٽ رفتار سست هجڻ جي شڪايت ڪئي.انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا سروسز تي نظر رکندڙ اداري نيٽ بلاڪس موجب اڪثر واهپيدارن شروعاتي طور تي 6:30 کان پوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽن ۽ ايپليڪيشنن سست ۽ متاثر ٿيڻ  جون شڪاتيون ڪيون.  ملڪ ۾ ان موقعي تي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس جي متاثر ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف ورچوئل جلسي جو اعلان ڪيو هو. ان کان اڳ گذريل مهيني ڊسمبر ۾ به پي ٽي آءِ جي آن لائين جلسي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي هئي. نيٽ بلاڪس جي ڊائريڪٽر الپ ٽوڪر جو چوڻ آهي ته اسان سڄي پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي ملڪ گير بندش جي تصديق ڪريون ٿا. هن چيو ته اي ايف پي کي ٻڌايو آهي ته بندش انتهائي منظم ۽ پي ٽي آءِ جي واقعن دوران لاڳو ڪيل اڳئين پابندين سان هڪجهڙائي رکي ٿي. ٽريڪنگ ايجنسي جي تصديق کانپوءِ پي ٽي آءِ پنهنجي بيان ۾ چيو ته نگران حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي جيڪا رڳو پاڪستانين کي نقصان پهچائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.