نگران وفاقي ڪابينا، قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي . ذريعن موجب، پاڪستان ۽ ايران سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايران سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران پرڏيهي وزير ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تھ پاڪستان نٿو چاهي ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين، ايران غلط قدم کنيو جنهن جو جواب ڏنو . ان کان اڳ قومي سلامتي ڪميٽي ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو .نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ايران ڇڪتان تي غور ڪيو ويو.نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻول بابت بريفنگ ڏني،جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به معاملي بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي ڪامياب انٽيليجينس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ايران ۾ مقرر سفير به بريفنگ ڏني. ذريعن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڪو به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، قومي سلامتي تي ٺاهه نه ڪيو ويندو.
هوڏانهن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. ذريعن موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تازي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان به پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي رابطن جي تصديق ڪئي آهي.پاڪستان پاران اختيار ڪيل موقف بلڪل درست آھي.اھو ئي بھترين رستو آھي،جنھن سان معاملن کي بھتر رخ ۾ اڳيان وڌائي سگھجي ٿو.ڇاڪاڻ جو ھن وقت خطي جي صورتحال گھڻي نازڪ آھي.جڏھن تھ ايران پاران ڪيل ڪارروائي جي جواب ڏيڻ بعد پاڪستان اھو بھ چٽو ڪري ڇڏيو آھي تھ اھو پنھنجي ملڪ جي خودمختياري تي ڪو بھ سمجھوتو نھ ڪندو.جنھن بعد ھاڻي عالمي ۽ علائقائي پس منظر ۾ پاڪستان جي اختيارين پاران ڪيل فيصلو ھر طرح سان ھڪ ھاڪاري عمل آھي.
جئين تھ ڪنھن بھ قسم جي جنگ جي نتيجي ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ پئدا ٿيڻ جو خطرو آھي،ٻئي پاسي اھا بھ حقيقت آھي تھ ٻئي ملڪ اھڙي ڪنھن بھ عمل جا متحمل نٿا ٿي سگھن.ملڪ جي مفادن وٽان ڪيل فيصلو سياسي،سفارتي،اخلاقي ۽قانوني لحاظ سان ھڪ مثبت عمل جو عڪس آھي. جنھن بعد اھا اميد آھي تھ برادر اسلامي ملڪ ايران پڻ ان سلسلي ۾ ھاڪاري جواب ڏيندو.ان ريت ئي معاملن کي سڌو ڪري سگھجي ٿو.
پاڪستان ۽ ايران ھڪ ٻئي جا پاڙيسري ۽ ٻئي اسلامي ملڪ آھن ۽ اڳي بھ پنھنجا مسئلا سفارتي سطح تي حل ڪندا رھيا آھن تھ ھن ڀيري بھ بلوغت جو مظاھرو ڪري اھو مسئلو پاڻ ۾ ويھي ڪري بھ حل ڪري سگھن ٿا.جنھن سان خطي ۾ ڪنھن امڪاني ڇڪتاڻ کي ھوا نھ ملي.
-
مھانگائي جو طوفان،بصرن جو اگھه چوٽ چڙھي ويو
عام واھپي جي شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سان غريب ماڻھون وڌيڪ مالي بحران جو شڪار ٿي رھيو آھي.ھاڻوڪي مھانگائي سان اڳي ئي مالي پريشاني ۾ گھاريندڙ عوام لاءِ ھر گھر جي گھرج وارو اھم اسم بصر جي قيمت تھ صفا آسمان تي وڃي پھتي آھي.
ملڪ جي 17 شهرن ۾ 50 مارڪيٽن جي سروي جي بنياد تي جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران 51 ضروري شين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. جن مان 22 شين جي قيمتن ۾ اضافو، 8 ۾ گهٽتائي ۽ 21 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي.جن شين جي قيمتن ۾ سالياني بنيادن تي سڀ کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو، انهن ۾ پهرين ٽي ماهي لاءِ گيس چارجز (1108 سيڪڙو)، ٽماٽا (183.16 سيڪڙو)، مرچ (81.74 سيڪڙو)، ڪڻڪ جو اٽو (65.03 سيڪڙو) شامل آهن.
ٿوم (60.45 سيڪڙو)کنڊ (57.26 سيڪڙو)، چانور ايري 6/9 (49.95 سيڪڙو)، گجر (49.45 سيڪڙو) ۽ آنا (47.54 سيڪڙو) وڌي ويا.اھڙي ريت ڪڪڙ جو گوشت (2.26 سيڪڙو) ۽ دالين ۾ (1.46 سيڪڙو) واڌ ٿي.ٻئي پاسي ملڪ ۾ بصرن جي في ڪلو قيمت 320 روپين تائين پهچي وئي آهي. اسلام آباد ۾ بصر 320. راولپنڊي ۾ 310 ۽ سيالڪوٽ ۾ 270 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿين پيا.پشاور ۾ بصر 280 روپيا ۽ خضدار ۾ 250 رپيا في ڪلو تي پهچي ويا آهن.ڪراچي، لاهور ۽ گوجرانوالا ۾ بصر جي في ڪلو قيمت 240 روپين تائين آهي. ڳڻتي واري کاتي موجب گذريل هفتي بصرن جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 260 روپين تائين هئي.
ڪجهھ ڏينھن اڳ ميڊيا ۾ آيل ھڪ رپورٽ موجب تھ ھندوستان پاران پنھنجي ملڪ ۾ بصرن جي فراھمي يقيني بنائڻ جي لاءِ اتي جي اختيارين 8 ڊسمبر کان بصرن جي امپورٽ تي پابندي وجھي ڇڏي آھي.جنھن ڪري دنيا جي جن ملڪن ۾ ھندوستان کان بصر ويندو ھو اتي بصرن جي طلب وڌي وئي آھي.رپورٽ موجب پاڪستان جي بصرن جي واپارين کي انھن ملڪن مان بصرن جي سپلاءِ جا وڏا آرڊر ملي رھيا آھن،جنھن ڪري بصرن جي اگھن تي پاڪستان جي سمورن شھرن اندر اضافو ٿي ويو آھي.
بصر ھڪ اھڙو اسم آھي،جنھن جي ھر صورت ۾ رڌ پچاءَ ۾ ضرورت رھي ٿي.ان ڪري اھا ھر گھر جي گھرج آھي.ھن وقت جيتوڻيڪ ملڪ ۾ بصرن جي ظاھر طور تي ڪا کوٽ تھ نھ آھي پر واپارين ان جي قيمت وڌائي ڇڏي آھي.جنھن ڪري ان جو غريب ۽ وچولي طبقي تي سڌ اثر پئجي رھيو آھي.
وقت جي حڪومت کي گھرجي تھ ھن اھم مسئلي ڏانھن خاص ڌيان ڏئي ڪري واپارين جي طرفان ھٿ سان ڪيل مھانگائي کي روڪڻ جي لاءِ اثرائتا ۽ عملي قدم کنيا وڃن،جنھن سان عوام جي مٿان پوندڙ اضافي بار ھلڪو ٿي سگھي.اميد ڪجي تھ نگران حڪومت جون اختياريون ان سلسلي ۾ تڪڙا قدم کڻي ڪري عوام جي ڳڻتي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندي.