پاڪستان ايران ڇڪتاڻ جو خاصو پس منظر رھيو آھي.جيتوڻيڪ معاملو پھريون ڀيرو ھن وقت مٿي اڀريو آھي،پر ھن کان اڳ ٻئي ملڪ ھڪ ٻئي سان سفارتي سطح تي صورتحال کي نبيريندا رھيا آھن.
سمجهيو پيو وڃي ته ڊسمبر ۾ ايراني شهر راسڪ ۾ ٿيل حملو اصل سبب آھي.جنھن ڪري ھن وقت ڇڪتاڻ وڌي آھي.جنھن جي ذميواري جيش العدل قبولي آھي،جنھن ۾ 11 ايراني سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. پر اڱاري ڏينھن پاڪستان تي ڪيل ايران جو حملو ڪو پھريون نھ ھو. ٻنهي ملڪن ۾ بي اعتمادي جي تاريخ آهي 2012 ۾ جيش العدل جي جڙڻ سان پئدا ٿيو.
جيش العدل ابتدا، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ اعتماد جي کوٽ کي سمجهڻ لاءِ 1970ع واري ڏهاڪي ڏانهن پوئتي ڏسڻو پوندو. 1979ع جي اسلامي انقلاب کان وٺي، ايران جي بلوچن سان سخت رويي، سيستان ۽ بلوچستان ۾ سني بنياد پرستي کي ڀڙڪايو. پر انقلاب کان گهڻو اڳ ايراني بلوچ بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ ڏانھن ھجرت ڪري چڪا ھئا۽ شاھ ايران جي خلاف سياسي سرگرمين ۾ مصروف هئا.
اهو ئي سبب آهي جو محمد رضا شاهه پهلوي اوڀر ايران ۾ رهندڙ 12 لک بلوچن کي بغاوت پکڙڻ جي خوف کان 1973ع کان 1977ع تائين پاڪستان ۾ بلوچن جي مداخلت لاءِ ايراني پائليٽن سميت 30 ڪوبرا گن شپ ھيليڪاپٽر موڪليا ھئا. اھا ڳالھھ اسڪالر ۽ صحافي سيلگ ايس هيرسن بيان ڪيو آهي.
1990ع جي ڏهاڪي ۾ مولا بخش درخشان (عرف ملوڪ) جي اڳواڻي ۾ هڪ ويڙهاڪ گروپ سپاهِ رسول الله اُڀريو، جيڪو بلوچستان جي ڪيچ علائقي کان ايران جي سيستان و بلوچستان ۾ سرحد پار دراندازي منظم ڪندڙ پهريون گروپ هو. ملوڪ کي پاڪستان ۾ شيعه مخالف گروهن جي حمايت ملي. هن پنهنجي ڪوششن کي ”جهاد“ جي نالي سان پيش ڪندي، ايران خلاف بلوچ مزاحمت جي مذهبي پاسي کي اڀاريو. 2006ع ۾ ھن جي موت بعد سندس ڀاءُ ملا عمر ايراني سپاه رسول الله جي قيادت سنڀالي. ملا عمر ايراني، پنهنجي پنهنجي ڀاءُ جي ڦاھي جي بدلي وٺڻ جي مقصد لاءِ جدوجھد ڪئي.
ڪلاھو ،ڪيچ ۾ ملا عمر ايراني جو ڪمپائونڊ، ايراني سرحد کان 45 ميل (72 ڪلوميٽر) اوڀر ۾ واقع آهي، 25 نومبر 2013 تي پهرين ايراني ميزائل حملي جو شڪار ٿيو. ايران خلاف جنگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ملا عمر ايراني پنهنجي سپاه رسول الله، کي جندالله سان ضم ڪري ڇڏيو. جنھن جي اڳواڻي هڪ نوجوان عبدالمالڪ ريگي ڪري رهيو هو، جيڪو ملوڪ جي اثر هيٺ وڏو ٿيو هو.
2002ع ۾ قائم ٿيل جندالله ، ڊسمبر 2005ع ۾ ايراني صدر محمود احمدي نجاد جي قافلي تي ناڪام حملي کانپوءِ اهميت حاصل ڪئي. 16 مارچ 2006 تي جندالله جي ويڙهاڪن پوليس ۽ فوجي اهلڪارن جي روپ ۾ زاهدان ۽ زابل جي وچ ۾ هڪ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي، جتي هنن 22 مسافرن کي لاھي ماري ڇڏيو. ان افسوسناڪ واقعي ايران کي جندالله جو معاملو پاڪستاني اختيارين سان اٿارڻ تي مجبور ڪيو.
14 جون 2008ع تي پاڪستان عبدالمالڪ ريگي جي ڀاءُ عبدالحميد کي ايران حوالي ڪيو.جنھن کي ڪجھھ مھينا اڳ ڪيچ ضلعي مان گرفتار ڪيو ويو هو. اها حوالگي ٻنهي ملڪن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش هئي. عبدالحميد کي مئي 2010ع ۾ زاهدان ۾ ڦاهي ڏني وئي. پر جند الله ان کانپوءِ بھ نھ مڙي، آڪٽوبر 2009ع ۾ ان گروپ پشين (ايراني پاسي) ۾ هڪ وڏو بم حملو ڪيو، جنهن ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي 6 ڪمانڊرن سميت 43 ڄڻا مارجي ويا. ان کان پوءِ پهريون ڀيرو ايران کليل نموني پاڪستان ۽ اولھھ تي جندالله ۽ عبدالمالڪ ريگي جي حمايت جو الزام هنيو.
فيبروري 2010 ۾ تهران ريگي کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو دبئي کان ڪرغزستان جي اڏام تي هو. جيتوڻيڪ هن کي ساڳئي سال جون ۾ ڦاهي ڏني وئي پر جندالله الحاج محمد ظهير بلوچ جي اڳواڻي ۾ فيبروري 2010ع کان 2011ع تائين پنهنجون سرگرميون جاري رکيون. پر وقت گذرڻ سان گڏ جندالله جي طاقت گهٽجي وئي.
اهو ئي وقت هو جڏهن تربت سان تعلق رکندڙ ملا عمر ايراني ھم خيال فردن سان گڏجي 2012ع ۾ جيش العدل جو بنياد رکيو. هيءَ تنظيم 2012ع ۾ پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ قائم ڪئي وئي هئي. جيتوڻيڪ ان جي قيادت گهڻو ڪري نامعلوم آهي، پر سمجھيو وڃي ٿو تھ ملا عمر ايراني ان جي مکيه بانين مان هڪ هو.
آڪٽوبر 2013 ۾سراوان ۾ روڊ ڪناري لڳل بم سان پاسداران انقلاب جي 13 اهلڪارن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ان گروپ اھميت اختيار ڪري ورتي.جواب ۾ ايران سراوان ڌماڪن جي هڪ مهيني کانپوءِ ڪيچ ۾ ملا عمر ايراني جي ڪمپائونڊ تي ھڪ ميزائل فائر ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ملا عمر ايراني جي گهر ۽ ڀر واري مسجد کي نقصان پهتو پر هو پاڻ حملي ۾ بچي ويو.
تشدد جو سلسلو جاري رهيو ۽ فيبروري 2014 ۾ جيش العدل مبينا طور تي 4 ايراني فوجين کي اغوا ڪري مبينا طور پاڪستان آندو. ان تي ايران پاران سرحد پار دراندازي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ناڪامي جو الزام لڳايو ويو. ايران ڌمڪي ڏني جيڪڏھن فوجين کي آزاد نه ڪيو ويو تھ پاڪستان ۾ فوج موڪليندو. اهي سپاهي آخرڪار ساڳئي سال اپريل ۾ آزاد ڪيا ويا.
آڪٽوبر 2014 ۾ سراوان ۾ جيش العدل جي حملي ۾ ايراني سيڪيورٽي فورسز جا چار ميمبر مارجي ويا. ان حملي کانپوءِ سراوان جي برگيڊيئر جنرل حسين سلامي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن پاڪستان جيش العدل کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته هو پڪستان ۾ فوج موڪليندو.
صورتحال مارچ 2016ع ۾ اُن وقت وڌي وئي، جڏهن پاڪستان ايراني سرحد لڳ بلوچستان جي علائقي ماشڪيل ۾ ھندستاني بحريھ جي ھڪ رٽائرڊ آفيسر ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري بعد ايران تي الزام لڳايو تھ اھو پاڪستان ۾ بغاوت ۾ ملوث بلوچ عليحدگي پسندن کي پناهه ڏئي رهيو آهي.
ڇڪتاڻ تڏھن وڌي وئي جڏهن هندستاني وزيراعظم نريندر مودي مئي 2016 ۾ ايران جي دوري دوران چابهار بندرگاهه جي تعمير ۽ ان کي هلائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو. ايران گوادر کي پنھنجي چابهار بندرگاهه جي مقابلي ۾ ڏسڻ لڳو. الزام تراشي جي راند وڌي وئي ۽ پوءِ ايران پاڪستان جي سرحدي شهرن ۾ راڪيٽ فائر ڪيا. ان کانپوءِ جولاءِ 2017 ۾ ايران پنجگور تي راڪيٽ فائر ڪيا.
نومبر 2020 جي هڪ شام تربت پوليس مبينا طور تي ايران جي مطلوب شدت پسند اڳواڻ ملا عمر ايراني کي سندس ٻن پٽن سميت هڪ مبينه مقابلي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف اسلام آباد جو دورو ڪيو هو. پوليس موجب ملا عمر ايراني تربت جي پوش علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ لڪيل هو.